اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حڪومت ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ جي روڪٿام، اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم جاري رکندي، ايڇ آءِ وي لاعلاج مرض ناهي، وقت سر علاج سان مريض نارمل زندگي گذاري سگهي ٿو، الله تعاليٰ پاڪستان کي تمام وڏي عزت بخشي آهي ۽ اڄ جو پاڪستان ٻه مهينا اڳ …
حڪومت ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ جي روڪٿام، اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم جاري رکندي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته حڪومت ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ جي روڪٿام، اسڪريننگ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم جاري رکندي، ايڇ آءِ وي لاعلاج مرض ناهي، وقت سر علاج سان مريض نارمل زندگي گذاري سگهي ٿو، الله تعاليٰ پاڪستان کي تمام وڏي عزت بخشي آهي ۽ اڄ جو پاڪستان ٻه مهينا اڳ جي پاڪستان کان مختلف آهي، هن ان ڪاميابيءَ تي وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته اهو سڀ سندن قيادت ۽ محنت جو نتيجو آهي. گذريل سال پاڪستان دشمن خلاف اثرائتو جواب ڏئي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي اهميت مڃرائي. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان عالمي امن جي قيام ۾ پڻ اهم ڪرار ادا ڪيو آهي. هن ايڇ آءِ وي/ايڊز بابت حقيقتون بيان ڪندي ٻُڌايو ته 26-2024ع پروگرام تحت پاڪستان لاءِ 65 ملين آمريڪي ڊالر رکيا ويا آهن، جن مان صرف 3.9 ملين ڊالر پاڪستان حڪومت کي ڏنا ويا جڏهن ته 61.1 ملين ڊالر ٻن ادارن، يو اين ڊي پي ۽ هڪ نجي اين جي اوز کي فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته حڪومت کي ملندڙ فنڊز جا مڪمل تفصيل موجود آهن، جڏهن ته ٻين فنڊز جي استعمال بابت صحت واري وزارت وٽ ڄاڻ ناهي. اين جي اوز طرفان ان حوالي سان ڄاڻ فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. انگن اکرن موجب سال 2020ع ۾ 49 مرڪزن تي 37944 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي جن مان 6910 ڪيسز هاڪاري آيا. سال 2025ع ۾ مرڪزن جو انگ وڌائي 97 ڪيو ويو جتي 3 لک 74126 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ 14182 ڪيسز هاڪاري سامهون آيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ايڇ آءِ وي جي رجسٽرڊ ڪيسن جو مجموعي انگ 84 هزار آهي، جن مان 61 هزار ماڻهو علاج هيٺ آهن جڏهن ته باقي ماڻهن جو پتو نه لڳي سگهيو. هن واضح ڪيو ته ايڇ آءِ وي لاعلاج مرض ناهي ۽ وقت سر علاج سان مريض نارمل زندگي گذاري سگهي ٿو ۽ بيماري ٻين ڏانهن منتقل نٿي ٿئي. وفاقي وزير ماضيءَ ۾ گلوبل فنڊز ۾ مالي بي ضابطگين جو ذڪر ڪندي چيو ته ان حوالي سان جاچ مڪمل ڪري ذميدارن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۽ تونسه جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته تونسه ۾ هلندڙ سال ڪو نئون ڪيش رپورٽ ناهي ٿيو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ 618 ڪيسز رجسٽرڊ آهن، جن مان 208 مقامي ۽ 408 ٻين علائقن مان ريفر ڪيا ويا آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ جي روڪٿام، اسڪريننگ ۾ واڌ ۽ علاج جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ قدم جاري رکندي.











