اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جي سرڪاري بياني، سياسي مقصد ۽ مبينه فالس فليگ آپريشنز تي سوال اٿڻ لڳا آهن، جڏهن ته مبصر ان کي ڀارتي حڪومتي طرز عمل جو تسلسل قرار ڏئي رهيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سياسي تجزيڪارن جو چوڻ آهي ته پهلگام واقعو هڪ اهڙي وقت تي سامهون آيو جڏهن بِهار رياست جي چونڊ ويجهو هئي ۽ ڀارت ۾ چونڊ …
پهلگام واقعو ۽ ڀارتي فالس فليگ آپريشنز، مودي حڪومت جي طرز عمل تي سوال اٿاريا ويا

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جي سرڪاري بياني، سياسي مقصد ۽ مبينه فالس فليگ آپريشنز تي سوال اٿڻ لڳا آهن، جڏهن ته مبصر ان کي ڀارتي حڪومتي طرز عمل جو تسلسل قرار ڏئي رهيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سياسي تجزيڪارن جو چوڻ آهي ته پهلگام واقعو هڪ اهڙي وقت تي سامهون آيو جڏهن بِهار رياست جي چونڊ ويجهو هئي ۽ ڀارت ۾ چونڊ مرحلي دوران اهڙن واقعن کي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جا خدشا وڌي ويندا آهن. مبصرن مطابق ان واقعي کي آپريشن سندور جي جواز طور پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا، بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي فوري طور تي الزام پاڪستان تي لڳائي ڇڏيو. سياسي تجزيڪارن جو چوڻ آهي ته مودي ميڊيا جنگي جنون کي هوا ڏني آهي ۽ بنا ٺوس ثبوت جي پاڪستان تي الزام لاڳو ڪري حڪومتي ردعمل کي ڀڙڪائيندو رهيو آهي. تجزيڪارن مطابق پاڪستان، ان واقعي جي غير جانبدار، شفاف ۽ اعتماد جوڳي جاچ جي آڇ ڪئي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي، جڏهن ته ڀارت ان آڇ کي قبول نه ڪيو. رپورٽن مطابق واقعي جي فوري بعد والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ تشدد ۾ تيزي سان اضافو ٿيو، اُڙي، بارهموله ۾ 2 شهري فوت ٿيا ۽ سرينگر جي لال چوڪ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا 4 شڪي ماڻهن جون تصويرون جاري ڪيون، جڏهن ته مودي حڪومت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جهڙي هڪ طرفي قدمن سبب صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي وئي. ان جي ابتڙ پاڪستان، دانشمنداني سفارتي حڪمت عملي اختيار ڪئي.











