نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ تحت مختلف شعبن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35 سيڪڙو عورتن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ تحت مختلف شعبن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35 سيڪڙو عورتن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو، وزيراعظم يوٿ بزنس ۽ ايگريڪلچر لون اسڪيم ۾ عورتن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن ايس آءِ اي سمٽ 2.0 ۾ مهمان جي حيثيت سان …

اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ تحت مختلف شعبن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35 سيڪڙو عورتن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو، وزيراعظم يوٿ بزنس ۽ ايگريڪلچر لون اسڪيم ۾ عورتن لاءِ 25 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن ايس آءِ اي سمٽ 2.0 ۾ مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان سمٽ جو عنوان ”پاڪستان ۾ عورتن جي قيادت ۾ سماجي ڪاروباري نظام جي جوڙجڪ“ هو، جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ رانا مشهود سوشل انوويشن اڪيڊمي ۽ ان جي ڀائيوارن جن ۾ بي پي ايف، يو اين وومين، او جي ڊي سي ايل ۽ ٻين آرگنائزيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ نوجوانن ۽ خاص ڪري عورتن جي اهم ڪردار تي زور ڀريو ۽ چيو ته هي پليٽ فارم عورتن جي قيادت ۾ قدمن کي هٿي ڏيندو ۽ معاشرتي بهتريءَ لاءِ نهايت اهم آهي. رانا مشهود احمد خان پنهنجي اڳوڻن تجربن جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته هو اُن وقت به عورتن کي بااختيار بنائڻ جي منصوبن جو حصو رهيو آهي جڏهن وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو. هن چيو ته انهن قدمن صوبي ۾ عورتن جي شموليت وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ پاڪستان جي معاشي حڪمتِ عملي جو بنيادي حصو آهي. هن عالمي مثال ڏيندي چيو ته جڏهن عورتن کي وڌيڪ موقعا ڏنا وڃن ٿا ته ملڪي معيشت ۾ نمايان بهتري اچي ٿي، مثال طور انڊونيشيا ۾ جڏهن عورتن کي 50 سيڪڙو نمائندگي ڏني وئي ته ان جي جي ڊي پي ۾ 4 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي ۽ هاڻ پاڪستان کي به ان رُخ ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جي پهرين نيشنل يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسيءَ کي وفاقي ڪابينه کان منظوري ملي چڪي آهي ۽ جلد ان کي جاري ڪيو ويندو. ان پاليسيءَ تحت مختلف شعبن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35 سيڪڙو عورتن جي شموليت کي يقيني بنايو ويندو. پنجاب ۽ سنڌ ۾ ان جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. عورتن جي مدد لاءِ حڪومت خاص سهولت مرڪز قائم ڪري رهي آهي جتي عورتون گڏجي ڪم ڪري سگهنديون. نَون خيالن کي هٿي وٺرائڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهنديون. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي جتي نوجوان ۽ عورتون ترقي ڪن ۽ پاڪستان جي خوشحاليءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں