ڪراچي- 28 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو چين دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. صدر آصف علي زرداري جون چيني قيادت سان ملاقاتون ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري واپاري ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي نئون رخ ڏينديون. هڪ …
صدر آصف علي زرداري جو چين دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي- 28 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو چين دورو ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. صدر آصف علي زرداري جون چيني قيادت سان ملاقاتون ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي عرصي کان جاري واپاري ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي نئون رخ ڏينديون. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيني قيادت سان ملاقاتن دوران گڏيل واپار، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر ۽ علائقائي سھڪار کي ھٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو، جيڪو پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ٻنهي ملڪن جي دوستي گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهي. صدر آصف علي زرداري جي دوري سان نه رڳو اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پر علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ به ھاڪاري اڳڀرائي سامهون ايندي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي دوري جي نتيجي ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، جنهن سان ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جو هي سفر ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ وسيع ٿيندو ۽ ٻئي ملڪ گڏيل ترقي جا نوان هدف حاصل ڪندا.











