خيبر پختونخوا جي گورنر سان پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر رميش ڪمار ونڪواڻي جي ملاقات

پشاور- 28 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي اقليتي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار ونڪواڻي گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پيپلزپارٽي طرفان اقليتن جي حقن جي حوالي سان اختيار ڪيل پاليسي …

پشاور- 28 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي اقليتي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار ونڪواڻي گورنر هائوس پشاور ۾ ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پيپلزپارٽي طرفان اقليتن جي حقن جي حوالي سان اختيار ڪيل پاليسي ۽ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي ۽ برابر شهري حق فراهم ڪري ٿو، پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن کي پاڪستاني شهري جي حيثيت سان شخصي ۽ مذهبي حق حاصل آهن. گورنر چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه کان اقليتن جي حقن جي علمبردار رهي آهي.