لاڙڪاڻو- 28 اپريل (اي پي پي) رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي کان ڪئين ٿو بچي سگهجي، ان سلسلي ۾ هڪ سجاڳي مهم ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نصرت شاهه، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو جي چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، ايم ايس ڊاڪٽر شاهه حسين شاهه سميت ٻين ڊاڪٽرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت …
لاڙڪاڻو ۾ ايڇ آءِ وي کان بچاءَ لاءِ رتوديرو ۾ آگاهي ريلي ڪڍي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 28 اپريل (اي پي پي) رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي کان ڪئين ٿو بچي سگهجي، ان سلسلي ۾ هڪ سجاڳي مهم ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نصرت شاهه، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو جي چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ اعجاز احمد لغاري، ايم ايس ڊاڪٽر شاهه حسين شاهه سميت ٻين ڊاڪٽرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ اعجاز احمد لغاري ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته 2019 ع ۾ رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي بيماري آئوٽ بريڪ ٿي هئي، جنهن جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت ۽ صحت جي عالمي ادارن جي گڏيل تعاون سان اسڪرينگ ۽ ٽريٽمينٽ سينٽر کوليو ويو ۽ گڏوگڏ علاج شروع ڪيو ويو ۽ ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءُ جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت طرفان حفاظتي قدم کنيا ويا هئا، هن وقت ڪافي حد تائين ايڇ آءِ وي تي ڪنٽرول ٿي ويو آهي. تنهن هوندي به سنڌ جي ٻين ضلعن کان به ماڻهو علاج لاءِ رتوديرو سينٽر تي اچن ٿا. ان سلسلي ۾ وقت به وقت سنڌ حڪومت طرفان سجاڳي مهم هلائي ويندي آهي، جنهن سبب هاڻي ماڻهن ۾ ڪافي آگاهي ملي چڪي آهي، علاج کان بهتر آهي احتياط ڪرڻ، ان ڪري هي آگاهي مهم ماڻهن ۾ ڪافي ڄاڻ فراهم ڪري ٿي.











