مڪو شريف -28 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي سياحت واري وزير احمدالخطيب مڪه شريف ۾ حج پانڌيئڙن لاءِ قائم مهمان نوازي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ حج پائڌيئڙن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب سياحت واري وزير حج پانڌيئڙن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ ٽوئرازم ورڪرز سان ملاقات ڪئي . سياحت واري وزير ٻڌايو ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ شروع ڪيل …
مڪي شريف ۾ سعودي عرب جي سياحت واري وزير پاران حج پانڌيئڙن جي مهمانن نوازي مرڪز جو دورو، سهولتن جو جائزو ورتو

مزید خبریں
مڪو شريف -28 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي سياحت واري وزير احمدالخطيب مڪه شريف ۾ حج پانڌيئڙن لاءِ قائم مهمان نوازي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ حج پائڌيئڙن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب سياحت واري وزير حج پانڌيئڙن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ ٽوئرازم ورڪرز سان ملاقات ڪئي . سياحت واري وزير ٻڌايو ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ شروع ڪيل نئين لائسنسنگ سروس ذريعي پلگرم هاسپٽلٽي سيڪٽر ۾ 5 لک 66 هزار کان به وڌيڪ بسترن جو اضافو ڪيو ويو. هن سال مناسڪ حج 24 کان 29 مئي تائين ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ هزارين مسلمان پهرين حج جي تياري لاءِ سعودي عرب پهچي ويا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل سال 16 لک 73 هزار 230 حج پانڌيئڙن حج ادا ڪيو ان ۾ هڪ لک 66 هزار 654 داخلي حج پانڌيئڙا ۽ باقي ٻين ملڪ مان آيا هيا.











