نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻارڻ جي بچت ۽ اضافي ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ٻارڻ جي بچت ۽ اضافي ڪفايت شعاري قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن زور ڏنو ته موجوده چئلينجز جي ڏس ۾ ضروري آهي ته حالتون بهتر ٿيڻ تائين سمورا شعبا بچت ۽ ڪفايت شعاري کي اختيار ڪن. آءِ ٽي واري وفاقي وزير ڪفايت شعاري قدمن تي عملدرآمد جي نگراني جي لاءِ تيار ڪيل ڊيش بورڊ پڻ پيش ڪيو. نائب وزيراعظم وڌيڪ زور ڏنو ته انهن ڪفايت شعاري قدمن کان ڇوٽ جي لاءِ رڳو اهي ئي معاملا ڪميٽي آڏو آندا وڃن جيڪي حڪومت جي اهم ۽ وقت جي پابندي وارن معاملن جي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ لازمي هجن. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪابينا ڊويزن واري سيڪريٽري، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن، پلاننگ ڊويزن، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں