پاڪ فوج پاران آپريشن غضب الحق تحت افغان طالبان جي چڙ ڏياريندڙ جارحيت تي ڀرپور ڪارروائيون جاري

اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جي آپريشن غضب الحق تحت افغان طالبان جي چڙ ڏياريندڙ جارحيت تي ڀرپور ڪارروائيون جاري آهن. پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي ڪيترين ئي چوڪين سرشان، المرجان، ايڌي پوسٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته گاڙي ۽ ٻين ٺڪاڻن کي به ڪاميابي سان نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي …

اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جي آپريشن غضب الحق تحت افغان طالبان جي چڙ ڏياريندڙ جارحيت تي ڀرپور ڪارروائيون جاري آهن. پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي ڪيترين ئي چوڪين سرشان، المرجان، ايڌي پوسٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته گاڙي ۽ ٻين ٺڪاڻن کي به ڪاميابي سان نشانو بڻايو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج جي چڙ ڏياريندڙ جارحيت جو پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو آهي، پاڪ فوج جي آپريشن غضب الحق تحت افغان  طالبان جي چڙ ڏياريندڙ جارحيت خلاف ڀرپور ڪارروائيون جاري آهن، پاڪ فوج چمن سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي ڪيترين ئي چوڪين کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو افغان طالبان جي سرشان المرجان، ايڌي پوسٽ، گاڙي ۽ ٻين ٺڪاڻن کي به ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي، ته سيڪيورٽي فورسز جو دفاع وطن لاءِ پختو عزم آهي، دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جي عزمن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسين. هن چيو ته پاڪ فوج جو آپريشن غضب الحق سمورا مقرر هدف حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندو.

مزید خبریں