بيجنگ-28 اپريل (اي پي پي) چين ۾ 139 هين ليٽن ميلي جو ٻيو مرحلو ختم ٿي ويو آهي. جنهن جو مقصد گهريلو مصنوعات هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ليٽن ميلي ۾ 5 لک 15 هزار ميٽرن جي ايراضي تي نمائشي علائقي ۾ 25 هزار اسٽالز لڳايا ويا هيا ۽ مجموعي طور تي 2.22 ملين مصنوعات پيش ڪئي وئي. نمائش ۾ ڏهه هزار کان به وڌيڪ ڪمپنين حصو ورتو جنهن ۾ 3100 …
چين ۾ 139 هين ليٽن ميلي جو ٻيو مرحلو ختم ٿي ويو

مزید خبریں
بيجنگ-28 اپريل (اي پي پي) چين ۾ 139 هين ليٽن ميلي جو ٻيو مرحلو ختم ٿي ويو آهي. جنهن جو مقصد گهريلو مصنوعات هئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ليٽن ميلي ۾ 5 لک 15 هزار ميٽرن جي ايراضي تي نمائشي علائقي ۾ 25 هزار اسٽالز لڳايا ويا هيا ۽ مجموعي طور تي 2.22 ملين مصنوعات پيش ڪئي وئي. نمائش ۾ ڏهه هزار کان به وڌيڪ ڪمپنين حصو ورتو جنهن ۾ 3100 کان به وڌيڪ هاءِ ٽيڪ انٽر پرائزرز شامل هئا جيڪي گذريل سيشن جي ڀيٽ ۾ 7.5 سيڪڙو وڌيڪ آهن . ليٽن ميلي ۾ 219 ملڪن ۽ علائقن مان 2 لک 45 هزار پرڏيهي خريدارن شرڪت ڪئي جيڪا گذريل ميلي جي ڀيٽ ۾ 2.2 سيڪڙو وڌيڪ آهن. 140 پرڏيهي واپاري صنعتي ادارن وفدن جي صورت ۾ شرڪت ڪئي. 468 خريداري وفدن مان 344 آمريڪا ، ميڪسيڪو، برطانيا ۽ جرمني جهڙن ملڪن جون اهم ڪمپنيون هيون جيڪي ماضي جي ڀيٽ ۾ 4.9 سيڪڙو وڌيڪ آهن.











