اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت يورپي يونين سان واپار ۽ سيڙپڪاري وارن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندي. هو يورپي يونين جي اعليٰ عملدارن ۽ ناليوارين يورپي ڪمپنين جي ڪاروباري نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وفد جي …
حڪومت يورپي يونين سان واپار ۽ سيڙپڪاري وارن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت يورپي يونين سان واپار ۽ سيڙپڪاري وارن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندي. هو يورپي يونين جي اعليٰ عملدارن ۽ ناليوارين يورپي ڪمپنين جي ڪاروباري نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وفد جي اڳواڻي يورپي ڪميشن جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽرنيشنل پارٽنرشپس جي ڊائريڪٽر (ايشيا پيسفڪ) پيٽرز اسٽبس ڪري رهيو هو، يورپي انويسٽمينٽ بينڪ جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل پارٽنرز ٿوريا تريڪي، ايڊيڊاس جي نائب صدر مينيول پائُوزر، ايندرتز جي نائب صدر ڪارل شلوگل باؤر ۽ آئيڪيا (آءِ ڪي اي اي) جي ريجنل ڊائريڪٽر ڊائيٽر ميٽڪي وفد ۾ شامل هئا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، قانون، انصاف ۽ انساني حقن وارو وزير اعظم نذير تارڙ، ناڻي وارو وزير مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ هارون اختر خان ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جو سفير ريمنڊس ڪيروبلس پڻ موجود هئا. وزيراعظم يورپي يونين جي وفد جي آجيان ڪندي يورپي يونين پاڪستان بزنس فورم ۾ شرڪت ڪرڻ تي انهن جا ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته يورپي يونين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي ۽ پاڪستان مان برآمدات جي سڀ کان وڌيڪ ماپي جي منزل آهي. يورپي يونين-پاڪستان بزنس فورم منعقد ڪرڻ ڪرڻ کي ساراهيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي ته هي تقريب پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت يورپي يونين سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون جاري رکندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين جي وفد کي وچ اوڀر جي صورتحال جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ تازي اضافي سميت علائقائي چئلينجن جي باوجود معيشت جي استحڪام لاءِ ڪم جاري رکڻ جي پاڪستان جي حڪومت جي پختي عزم جو يقين ڏياريو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم خاص طور تي يورپي يونين جي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا سان پنهنجي ٻن تازين ٽيليفونڪ رابطن جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي طريقن بابت تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خطي ۾ امن جي ڪوششن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪندي، يورپي يونين جي وفد يورپي يونين-پاڪستان بزنس فورم جي ميزباني ۾ ڀرپُور تعاون ڪرڻ تي حڪومت جي واکاڻ ڪئي. وفد جي ميمبرن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي پنهنجي تجربي جي باري ۾ ٻُڌائيندي چيو ته يورپي يونين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ توانائي، مواصلات ۽ آئي ٽي وغيره سميت مختلف شعبن ۾ بي 2 بي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪنا موجُود آهن.











