وزيراعظم پاڪستان جي امن جي لاءِ ڪوششن جي قدر ۽ حمايت تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي امن جي لاءِ ڪوششن جي قدر ۽ حمايت تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هن وچ اوڀر ۾ امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته کيس نيوزيلينڊ جي …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي امن جي لاءِ ڪوششن جي قدر ۽ حمايت تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته هن وچ اوڀر ۾ امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته کيس نيوزيلينڊ جي هم منصب ڪرسٽوفر ليوڪسان جي ٽيليفون آئي جنهن تي خوشي ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جي خوشگوار ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ۾ وچ اوڀر ۾ امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن پاڪستان جي مخلصاڻي امن ڪوششن جي قدر ۽ حمايت تي نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ٽيليفون تي اسان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي مختلف رخن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ نيوزيلينڊ ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي قيمتي خدمتن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن وزيراعظم ڪرسٽوفر ليوڪسان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ۽ هو جلد سندس ميزباني جو منتظر آهي.

مزید خبریں