نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جي ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جي ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪئي جتي هن هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعطم مرڪز جي جڳهه کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته منصوبابندي ۽ ترقي …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سينٽر آف ايڪسيلينس فار آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جي ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪئي جتي هن هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعطم مرڪز جي جڳهه کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته منصوبابندي ۽ ترقي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته معياري خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي جنهن جي لاءِ تربيت يافته ماهرن، خصوصي طرز تعمير ۽ عالمي بهترين طريقيڪار کي اختيار ڪيو وڃي ته جيئن آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جي حوالي سان تعليم، علاج ۽ تحقيق کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، تعليم واري سيڪريٽري، صحت واري سيڪريٽري، ناڻي واري اسپيشل سيڪريٽري، لاڳاپيل وزارتن جي اعلى عملدارن ۽ شعبي جي ٻين ماهرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں