اسلام آباد جي عدالت پاران اي پي پي ڪرپشن ڪيس جي مرڪزي جوابدار معظم جاويد کوکر جي  گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست رد، جوابدار گرفتار

اسلام آباد - 28 اپريل (اي پي پي) اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور اي پي پي ڪرپشن ڪيس جي مرڪزي جوابدار معظم جاويد کوکر جي  گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن جي فوري پوءِ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جوابدار کي عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي عملدارن موجب اهو ڪيس هڪ ارب رپين کان وڌيڪ ماليت …

اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور اي پي پي ڪرپشن ڪيس جي مرڪزي جوابدار معظم جاويد کوکر جي  گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن جي فوري پوءِ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جوابدار کي عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي عملدارن موجب اهو ڪيس هڪ ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي مبينا ڪرپشن اسڪينڊل بابت آهي جنهن ۾ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ مالي بي ضابطگين جا سنگين الزام شامل آهن. ايف آءِ اي موجب ان ڪيس ۾ ملوث ٻيا شريڪ جوابدار اڳ ۾ ئي گرفتار ٿي جيل ۾ آهن. عدالتي رڪارڊ موجب شريڪ جوابدارن جي ضمانت جون درخواستون اڳ ۾ ئي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ مان خارج ٿي چڪيون آهن. اي پي پي پاران حسنين حيدر ٿهيم ايڊووڪيٽ دليل ڏنا، راڻا روحيل ارشد ايڊووڪيٽ ۽ خرم ابراهيم ايڊووڪيٽ پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ ملازمن جي پي ايف اڪائونٽ مان بنا منظوري جي چيڪن تي صحيحون ڪري رقم هڙپ ڪئي. مرڪزي جوابدار معظم جاويد کوکر اڳ ۾ به گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي ۽ ضمانت خارج ٿيڻ تي فرار ٿي ويو هو، جڏهن ته جوابدار ٻيهر عدالت سان رجوع ڪيو هو. عدالت ثبوتن ۽ ڪيس جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي سندس ضمانت واري درخواست رد ڪندي ڪيس جو باضابطا ٽرائل 5 مئي تي شروع ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. واضح رهي ته قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو گهپلو ڪرڻ جي الزام ۾ ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي هئي.

مزید خبریں