اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) معرڪه جي هيرو ۽ ويڙه ۾ مثالي ڪارڪردگي تي تمغه بسالت سان نوازيل ليفٽيننٽ ڪرنل محمد شاهزيب رفيع جي يونٽ جي وقت سر ۽زبردست گولا باري سان دشمن جون ڪيتريون ئي برگيڊز، بٽالينز، هيڊ ڪوارٽرز ۽ مارٽر پوزيشنون تباهه ٿي ويون. تفصيل موجب حق جي ويڙهه دوران ليفٽيننٽ ڪرنل محمد شاهزيب رفيع آرٽلري يونٽ جي ڪمانڊ ڪري رهيو هو. 6 ۽ 7 مئي 2025ع جي وچ …
معرڪه حق جي هيرو ۽ ويڙه ۾ مثالي ڪارڪردگي تي تمغه بسالت سان نوازيل ليفٽيننٽ ڪرنل محمد شاهزيب رفيع، جي شاندار جنگي ڪارڪردگي جو داستان بيان

مزید خبریں
اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) معرڪه جي هيرو ۽ ويڙه ۾ مثالي ڪارڪردگي تي تمغه بسالت سان نوازيل ليفٽيننٽ ڪرنل محمد شاهزيب رفيع جي يونٽ جي وقت سر ۽زبردست گولا باري سان دشمن جون ڪيتريون ئي برگيڊز، بٽالينز، هيڊ ڪوارٽرز ۽ مارٽر پوزيشنون تباهه ٿي ويون. تفصيل موجب حق جي ويڙهه دوران ليفٽيننٽ ڪرنل محمد شاهزيب رفيع آرٽلري يونٽ جي ڪمانڊ ڪري رهيو هو. 6 ۽ 7 مئي 2025ع جي وچ واري رات دشمن پاران سول آبادي کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ سندس يونٽ کي جوابي فائرنگ جو حڪم ڏنو ويو. سندس يونٽ جي وقت سر ۽ زبردست گولا باري سان دشمن جون ڪيتريون ئي برگيڊز، بٽالينز، هيڊ ڪوارٽرز ۽ مارٽر پوزيشنون تباهه ٿي ويون. سندس يونٽ جي زبردست گولاباري دشمن جي شڪست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد شاهزيب رفيع چيو ته اڳتي جيڪڏهن دشمن اسان جي عزم ۽ همت کي چئلينج ڪيو ته ان کان به وڌيڪ زوردار ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. حق جي ويڙهه ۾ مثالي ڪارڪردگي تي کيس تمغه بسالت سان نوازيو ويو.











