اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) دهشتگردن جي سرپرست افغان طالبان حڪومت عوامي ڀلائي کي پٺتي ڇڏي ڏنو، انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو. گڏيل قومن افغان طالبان حڪومت ۾ سيڪيورٽي ناڪامي ۽ افغانستان ۾ مفلوج امدادي نظام جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب گڏيل قومن جي انساني امدادي رابطن (اوچا) واري آفيس انڪشاف ڪيو آهي، ته افغانستان ۾ جاري بدامني ۽ سيڪيورٽي بحران امدادي سرگرمين کي بري طرح …
افغان طالبان رجيم ۾ سيڪيورٽي بحران سنگين، امدادي ڪارڪن به غير محفوظ، گڏيل قومن پاران الرٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) دهشتگردن جي سرپرست افغان طالبان حڪومت عوامي ڀلائي کي پٺتي ڇڏي ڏنو، انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو. گڏيل قومن افغان طالبان حڪومت ۾ سيڪيورٽي ناڪامي ۽ افغانستان ۾ مفلوج امدادي نظام جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب گڏيل قومن جي انساني امدادي رابطن (اوچا) واري آفيس انڪشاف ڪيو آهي، ته افغانستان ۾ جاري بدامني ۽ سيڪيورٽي بحران امدادي سرگرمين کي بري طرح متاثر ڪري ڇڏيو آهي. افغانستان ۾ مارچ ۾ امدادي سرگرمين خلاف 86 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ هڪ امدادي ڪارڪن فوت ٿيو. افغان طالبان حڪومت ۾ عورتن تي ڪم جون پابنديون برقرار آهن، امدادي سرگرمين ۾ شرڪت تي 14 ڪيس سامهون آيا. گلوبل فوڊ ڪرائسس 2026 جي رپورٽ ۾ افغانستان کي شديد غذائي عدم تحفظ جي لحاظ کان دنيا ۾ پنجين نمبر تي رکيو ويو. لکين افغاني اڃا تائين انساني امداد جا محتاج آهن، سيڪيورٽي بحران ۽ پهچ ۾ رڪاوٽن صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. ماهرن موجب طالبان حڪومت جون ترجيحون عوامي ڀلائي جي بدران عسڪري ۽ دهشتگرداڻن مقصدن تي آهن، جنهن جو خميازو افغان عوام ڀوڳي رهيو آهي.











