ٽوڪيو _28 اپريل (اي پي پي ) جاپان جي اتر اوڀر صوبي ايواتي ۾ ٻيلن ۾ باهه مسلسل ڇهين ڏينهن به ڀڙڪي رهي آهي، جنهن سبب 1500 کان وڌيڪ خاندانن کي واپسي جا حڪم جاري ڪيا ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل صبح تائين ان باهه علائقي اوتسوچي جي پسگردائي ۾ 1618 ايڪڙن جي ايراضي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. هن چيو ته مسلسل …
جاپان جي اتر ۾ باهه تباهي مچائي ڇڏي ، 1500 خاندانن کي لڏپلاڻ جو حڪم

مزید خبریں
ٽوڪيو _28 اپريل (اي پي پي ) جاپان جي اتر اوڀر صوبي ايواتي ۾ ٻيلن ۾ باهه مسلسل ڇهين ڏينهن به ڀڙڪي رهي آهي، جنهن سبب 1500 کان وڌيڪ خاندانن کي واپسي جا حڪم جاري ڪيا ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل صبح تائين ان باهه علائقي اوتسوچي جي پسگردائي ۾ 1618 ايڪڙن جي ايراضي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. هن چيو ته مسلسل سوڪهڙي ۽ تيز هوائن سبب باهه جا شعلا تيزي سان پکڙجي تباهي جو سبب بڻيجي رهيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فائر سروس ۽ فوج جي هنگامي جٿن سان تعلق رکندڙ اٽڪل 1200 اهلڪار باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن . هيستائين 1500 کان وڌيڪ خاندانن کي لڏپلاڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي .باهه سبب هيستائين ڪنهن جاني نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو، پر 2 ماڻهن جي معمولي زخمي ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون آهن. جاپان جي موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن ۾ ان علائقي ۾ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.











