اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران ڪنڙ حملن بابت افغان ميڊيا ۽ افغان عملدارن جي بي بنياد پروپئگنڊه رد

اسلام آباد - 27 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڪنڙ حملن بابت افغان ميڊيا ۽ افغان طالبان عملدارن جي بي بنياد پروپئگنڊه رد ڪري ڇڏي. فيڪٽ چيڪ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغان صوبي ڪنڙ ۾ فرضي حملن جي حوالي سان افغان ميڊيا ۽ افغان عملدارن پاران مسلسل پروپئگنڊه مهم جنهن …

اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڪنڙ حملن بابت افغان ميڊيا ۽ افغان طالبان عملدارن جي بي بنياد پروپئگنڊه رد ڪري ڇڏي. فيڪٽ چيڪ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغان صوبي ڪنڙ ۾ فرضي حملن جي حوالي سان افغان ميڊيا ۽ افغان عملدارن پاران مسلسل پروپئگنڊه مهم جنهن کي ڀارتي پروپئگنڊه عنصرن جي پٺڀرائي حاصل آهي، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته افغان طالبان رجيم جنهن وٽ پنهنجي شهرين کي خدمتن، ڀلائي ۽ حڪمراني جي حوالي سان ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، رڳو غلط معلومات ۽ نفرت تي دارومدار ڪري رهي آهي. هن پنهنجي ڀارتي پروپئگنڊه ماسٽرز کان رڳو ڪوڙ ۽ فالس فليگ آپريشنز ئي سکيا آهن. اهڙا قابل رحم حربا ۽ ڪڌا الزام کل جوڳا آهن. تنهن هوندي به اهو واضح هجڻ گهرجي ته آپريشن غضب الحق تحت جڏهن به ۽ جتي به پاڪستان افغان سرزمين تي موجود دهشتگرد ڍانچي کي نشانو بڻائيندو ته اهو اڳوڻي ڪاررواين وانگر مڪمل طور تي اعلان ٿيل ۽ دهشتگردي جي مدد ڪندڙ ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جي واضح ۽ ٺوس ثبوتن جي بنياد تي هوندو.

مزید خبریں