لاهور - 27 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه سومر ڏينهن (چيئرمين زوم گروپ) مهر ارشد محمود جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر جي اچڻ تي زوم گروپ جي ڊائريڪٽر عمر ارشد مهر سندس شاندار استقبال ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، موجوده سياسي …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي مهر ارشد محمود سان ملاقات، سياسي ۽ اقتصادي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
لاهور – 27 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪالهه سومر ڏينهن (چيئرمين زوم گروپ) مهر ارشد محمود جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر جي اچڻ تي زوم گروپ جي ڊائريڪٽر عمر ارشد مهر سندس شاندار استقبال ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، موجوده سياسي صورتحال، پيٽروليم سيڪٽر کي درپيش مسئلن ۽ ڪاروباري برادري جا معاملا غور هيٺ آيا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ڪاروبار دوست پاليسين جي فروغ ۽ معاشي سرگرمين ۾ اضافي جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي شهريار ارشد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زوم گروپ، عمر ارشد ڊائريڪٽر، ملڪ زاهد چيف ايگزيڪيوٽو ملڪ بيٽ، قاسم چوڌري چيف ايگزيڪيوٽو مرڪنٽائل، عثمان عزيز ڊائريڪٽر وقار رئيس ملز سميت ڪاروباري برادري جون ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون. بعد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو ويو، جنهن ۾ شهر جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي.











