ڪراچي- 27 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ جي بلاول هائوس ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سکر شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن، عوامي سهولتن جي فراهمي ۽ اثرائتي طرزِ حڪمراني جي قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بلاول هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ، پ …
پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سکر جي ميئر بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي- 27 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سکر جي ميئر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ جي بلاول هائوس ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سکر شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن، عوامي سهولتن جي فراهمي ۽ اثرائتي طرزِ حڪمراني جي قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بلاول هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ، پ پ پ چيئرمين کي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي بابت جامع بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته اداري کي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن طرف تيزي سان وڌايو پيو وڃي ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سکر کي مڪمل طور ڪاغذن کان آجو ۽ جديد ميونسپل نظام ۾ تبديل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته سنڌ چيف منسٽر عوامي شڪايتن واري سيل تحت روزانو جي بنيادن تي سوين عوامي شڪايتن جو فوري ۽ مؤثر ازالو يقيني بڻايو پيو وڃي، جتي ڪابينا جا ميمبر، خاص مددگار ۽ ترجمان گڏيل انداز ۾ عوامي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سرڪاري ۽ خانگي ڀائيواري تحت سکر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو وڏو منصوبو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن مان هڪ لک کان وڌيڪ گهرن جا لڳ ڀڳ ساڍا ڇهه لک ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، هي منصوبو شهري زندگي جي معيار ۾ نمايان بهتري جو عڪاس آهي. پاڻي جي نيڪال جي نظام بابت ڳالهائيندي بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته هن وقت سکر جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گندو پاڻي ٽريٽمينٽ کان پوءِ سنڌو درياهه ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايندڙ ٽن مهينن ۾ ان کي 100 سيڪڙو تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقي ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي. ماحولي ذميواري تحت هن ٻڌايو ته بلائنڊ ڊولفن جي تحفظ لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن، جيڪي حياتياتي تنوع کي وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان سکر ۾ پارڪنگ، روڊن، پُلن، وڻڪاري ۽ هنر مندي جي ترقي جي شعبن ۾ وڏي پيماني تي ميگا منصوبن جي شروعات لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جيڪي شهر کي جديد شهري ماڊل ۾ تبديل ڪرڻ ڏانهن اهم قدم آهن. عورتن جي ڀلائي لاءِ بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ عالمي معيار جي ليڊيز ورلڊ منصوبي جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ واڪنگ ٽريڪ، سوئمنگ پول، جمنازيم، لائبريري ۽ ٻيون جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن عورتن کي محفوظ، باوقار ۽ صحتمند ماحول ملي سگهي. ساڳئي طرح بيرسٽر ارسلان اسلام شيخ ٻڌايو ته گڊاني ڦاٽڪ اوورهيڊ برج منصوبو به جلد شروع ڪيو ويندو، جنهن سان سکر جي ٻن اهم تعلقن وچ ۾ اچ وڃ ۾ بهتري ايندي ۽ اٽڪل ساڍا ٽي لک ماڻهن کي سڌي ريت فائدو پهچندو. ملاقات جي پڄاڻي تي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي قدمن کي ساراهيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت، شفاف حڪمراني ۽ پائيدار ترقي جي ويزن تحت شهرين کي بهترين سهولتن جي فراهمي جاري رکندي.











