ريلوي کي جديد رُخن تي آڻڻ پهرين ترجيح آهي: حنيف عباسي

لاهور- 27 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي کي جديد رُخن تي آڻڻ پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت عوام کي معياري سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. ملڪ کي ترقي ڏيڻي آهي ته ريلوي کي مستحڪم ۽ جديد بنائڻو پوندو، نون ٽريڪن جي مڪمل ٿيڻ سان لاهور کان راولپنڊيءَ جو سفر 2 ڪلاڪ …

لاهور- 27 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي کي جديد رُخن تي آڻڻ پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت عوام کي معياري سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. ملڪ کي ترقي ڏيڻي آهي ته ريلوي کي مستحڪم ۽ جديد بنائڻو پوندو، نون ٽريڪن جي مڪمل ٿيڻ سان لاهور کان راولپنڊيءَ جو سفر 2 ڪلاڪ 20 منٽن ۾ طئي ٿيندو. اهڙو اظهار هن پاڪستان ريلوي هيڊ ڪوارٽرز لاهور ۾ قائم جديد ۽ اپ گريڊ ريزرويشن آفيس ۽ ڊجيٽل سينٽرل ڪنٽرول آفيس جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ريلوي جي چيئرمين سيد مظهر علي شاهه سميت ٻيا آفيسر به وفاقي وزير سان گڏ موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي کي جديد رُخن تي آڻڻ منهنجي پهرين ترجيح آهي، جنهن لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ريلوي هڪ اسٽريٽجڪ اثاثو آهي جنهن کي منافعي بخش ادارو بنائڻ لاءِ سموريون گهُرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن، ملڪ کي ترقي ڏيڻي آهي ته ريلوي کي مستحڪم ۽ جديد بنائڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن واضح آهي ته هاڻ پوئتي ناهي ڏسڻو ۽ پاڪستان ريلوي کي هڪ جديد، پاڻڀرو ۽ ڊجيٽل ادارو بنائڻو آهي. حنيف عباسي چيو ته حڪومت 78 سالن جي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽريڪ جي بحاليءَ تي ڪم شروع ڪيو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ ۽ ريلوي هڪ تاريخي مفاهمت جي قرارداد تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت پنجاب ۾ ريلوي ٽرانسپورٽ جي هڪ نئين ۽ جديد دؤر جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي. لاهور ۽ راولپنڊي جو ٽريڪ تيار ڪري رهيا آهيون، نئين ٽريڪ تي 2 ڪلاڪ 20 منٽن ۾ لاهور کان راولپنڊيءَ جو سفر طئي ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته روهڙي ٽريڪ تي به ڪم جاري آهي ۽ سيپٽمبر تائين 480 ڪلوميٽر ڊگهي ٽريڪ تي ڪم مڪمل ٿي ويندو، 14 آگسٽ تي پيپلز ٽرين جو افتتاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. حنيف عباسي چيو ته هن وقت پاڪستان ريلويز ۾ ڪو اهڙو ڪم ناهي جيڪو نه ٿيندو هجي، پاڪستان ريلويز جو مسئلو سڀني کي خبر آهي، سڀ کان وڏو مسئلو ريلوي ٽريڪ جو آهي. هن چيو ته ايم ايل ون جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان تي سمورن صوبن وٽ ويا آهيون، سڀ گڏجي هلي رهيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به جلد ايم او يو تي صحيح ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته راولپنڊي، لاهور، ملتان ۾ اسٽيشن بڻائي رهيا آهيون، سمورن وڏين اسٽيشنن تي واءِ فاءِ لڳائي رهيا آهيون، مارڪيٽ ڊپارٽمينٽ کي بدلائي رهيا آهيون، جڏهن ته آٽو وهيڪل کي ٽرانسپورٽ ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ريلوي واري وزير چيو ته پشاور لاءِ عوامي ايڪسپريس 30 مئي کان جديد ڪئي ويندي ۽ 4 نون ٽريڪن جي صورت ۾ نيون ڪوچز لڳايون وينديون، جيڪي پشاور لاءِ هڪ تحفو هونديون. اهڙيءَ طرح علامه اقبال ايڪسپريس کي به اپ گريڊ ڪنداسين. حنيف عباسي چيو ته پاور وين جا اوزار جلدي گُهرائڻ ۽ ڪوچز کي فعال بنائڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي، بدقسمتيءَ سان ماضيءَ ۾ 9 سال کان لوڪوموٽيوز جي مينٽيننس ناهي ٿي، لوڪوموٽيوز جي ٽريڪشن موٽرز جي جلد بحالي ۽ دير جي شڪار تي پُرزا جلد گُهرائن جي به هدايت ڪئي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سمارٽ اسٽيشنن ۽ جديد ڪنٽريول آفيسن جي قيام سان ريلوي کي وڌيڪ ڊجيٽل بڻايو ويندو. هن چيو ته قبضا مافيا خلاف به ڀرپور ڪارروائي جاري آهي ۽ ڪراچيءَ سميت مختلف شهرن ۾ ڪروڙين رپين جي قيمتي ريلوي ايراضي خالي ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته ٽرينن جي وقت جي پابندي تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، 31 ڊسمبر تائين ٻه نيون انوويشنز متعارف ڪرايون وينديون. وفاقي وزير فريٽ آپريشن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڀريندي چيو ته جون تائين 43 جي ويجهو انجڻ استعمال ڪنداسين. وزيراعظم جي هدايت تي عالمي سطح تي تيل جي قيمتن جي واڌ باوجود ريلوي جي ڪِراين ۾ وڌيڪ واڌ ناهي ڪئي، ڪوشش آهي ته ريلوي آمدنيءَ جو 80 سيڪڙو فريٽ ٽرينن مان ۽ 20 سيڪڙو پيسنجر ٽرينن مان پورو ڪريون، ان موقعي تي پاڪستان ريلويز کي ڊجيٽل ڪرڻ جو ٽاسڪ اسان کي وزيراعظم ڏنو، اڄ جيڪو ڪنٽرول روم آهي هي اسٽيٽ آف دي آرٽ آهي، ان کان علاوه 7 وڌيڪ رومز به بڻايا ويندا ۽ ايف ڊبليو او به ان ۾ اسان اسان ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ريلوي جي ان قدم سان نه صرف مسافرن کي بهتر سهولتون ميسر ٿينديون پر ٽڪيٽنگ جي نظام ۾ شفافيت، تيزي ۽ بهتري پڻ ايندي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ريلوي جدت طرف هڪ اهم قدم کڻندي ڊجيٽل سينٽرل ڪنٽرول آفيس به قائم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ريل جي نظام کي وڌيڪ محفوظ، اثرائتو ۽ مڪمل طور تي مربوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هي جديد مرڪز (ريلوي ايڊوانس انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ) منصوبي تحت قائم ڪيو ويو آهي. هي اسٽيٽ آف دي آرٽ ڪنٽرول روم سڄي ملڪ ۾ ريلوي آپريشنز جي ريئل ٽائم نگراني ممڪن بڻائيندو، جنهن ذريعي ڊيٽا تي ٻَڌل فيصلن ۽ مربوط نظام کي هٿي ڏني ويندي. ان جديد مرڪز ذريعي مسافر ٽرينن جي اچ وڃ، مال بردار ٽرينن جي چُرپُر ۽ لاجسٽڪس جي نظام تي لڳاتار نگراني رکي ويندي. وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽل سينٽرل ڪنٽرول آفيس پاڪستان ريلوي جي ان عزم جو مظهر آهي ته اداره جاتي ٽيڪنالاجي، شفافيت ۽ اعليٰ معيار طرف تيزيءَ سان گامزن آهي.

مزید خبریں