سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر جي اعزاز ۾ مشهور ڪاروباري شخصيت احمد چنائي طرفان آجياڻو

ڪراچي- 27 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر جي اعزاز ۾ مشهور ڪاروباري شخصيت احمد چنائي طرفان آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ واپاري برادري، صنعتڪارن، سيڙپڪارن ۽ مختلف مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب دوران ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپاري سرگرمين ۾ بهتري جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سيدال …

ڪراچي- 27 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر جي اعزاز ۾ مشهور ڪاروباري شخصيت احمد چنائي طرفان آجياڻي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ واپاري برادري، صنعتڪارن، سيڙپڪارن ۽ مختلف مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب دوران ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ واپاري سرگرمين ۾ بهتري جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سيدال خان ناصر حڪومت طرفان سيڙپڪارن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ معاشي استحڪام جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ جي وقتي چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪراچي پاڪستان جي معيشت جو بنيادي ٿنڀ ۽ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز آهي، جيڪو مستقبل ۾ هڪ اهم ڪاروباري هب طور تي وڌيڪ اڀرندو. هن چيو ته ڪراچي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جتان کان مقامي ۽ عالمي سطح تي وسيع پيماني تي سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. هن واپاري برادري ۽ صنعتڪارن جي مسئلن جو ذڪر ڪندي خاطري ڪرائي ته انهن مسئلن کي حڪومت تائين اثرائتي انداز ۾ پهچايو ويندو ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا. سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. ان موقعي تي احمد چنائي، ملڪي ترقي ۾ ڪاروباري برادري جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ نجي شعبي ۽ حڪومت وچ ۾ مضبوط رابطا نهايت ضروري آهن.

مزید خبریں