سنڌ جي گورنر سان سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان جي ملاقات

ڪراچي- 27 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ محفوظ هٿن ۾ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان سومر ڏينهن گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽ ۽ ٻين قانون ساز ادارن جي معاملن، موجوده ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ معيشت جي بهتري لاءِ …

ڪراچي- 27 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ محفوظ هٿن ۾ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان سومر ڏينهن گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽ ۽ ٻين قانون ساز ادارن جي معاملن، موجوده ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ معيشت جي بهتري لاءِ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ قومي استحڪام، جمهوري عمل کي هٿي وٺائڻ ۽ آئيني ادارن جي اثرائتي ڪردار تي زور ڀريو ويو. جڏهن ته ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني ادارن جي گڏيل سهڪار ۽ هم آهنگي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.

مزید خبریں