اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پاڪستان مونومينٽ ۽ اسلام آباد پوليس لائنز جو دورو ڪيو. پاڪستان مونومينٽ پهچڻ تي فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. لبنان جي گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي درجن کي بلندي لاءِ فاتحه …
لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار جو پاڪستان مونومينٽ ۽ اسلام آباد پوليس لائنز جو دورو
اسلام آباد- 14 سيپٽمبر (اي پي پي) لبنان جي گهرو وزير احمد الحجار گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پاڪستان مونومينٽ ۽ اسلام آباد پوليس لائنز جو دورو ڪيو. پاڪستان مونومينٽ پهچڻ تي فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. لبنان جي گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن جي درجن کي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي کيس يادگار جي تاريخي ۽ قومي اهميت بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن تي هن يادگار جي تاريخي پس منظر ۽ خوبصورت فن تعمير جي واکڻ ڪئي. بعد ۾ اسلام آباد پوليس لائنز ۾ لبناني گهرو وزير جي اعزاز ۾ هڪ خاص پريڊ جو انعقاد ڪيو ويو جتي پوليس جي دستي کيس سلامي ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. احمد الحجار پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ پوليس اهلڪارن جي نظم ۽ ضبط ۽ پيشيوراڻي معيار کي ساراهيندي نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اهلڪارن ۾ انعام ورهايا. ان موقعي تي آءِ جي ايف سي رياض نذير گاڙا، آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.











