اسلام آباد - 27 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوششن، پاڪستان جي ڳالهه …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب مصر جي پرڏيهي وزير بدر عبدالعاطي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوششن، پاڪستان جي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي رابطن جي فروغ جي لاءِ جاري مسلسل ڪردار کي ساراهيو. اسحاق ڊار ان حوالي سان پنهنجي مختلف علائقائي ۽ عالمي هم منصبن سان رابطن بابت پڻ مصري پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جي اهميت تي زور ڏنو ته خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ مسلسل رابطو ۽ سفارتي مشاورت جاري رکي وڃي.











