اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪرڪيٽ صرف هڪ راند ناهي، پر پاڪستانين جو جذبو ۽ سڃاڻپ آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان هڪ ڏکئي صورتحال رهي ۽ حڪومت کي ڪجهه اهم فيصلا ڪرڻا پيا، پر پاڪستان سپرليگ جا ميچز بنا ڪرڪيٽ شوقينن جي …
ڪرڪيٽ صرف هڪ راند ناهي، پر پاڪستانين جو جذبو ۽ سڃاڻپ آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪرڪيٽ صرف هڪ راند ناهي، پر پاڪستانين جو جذبو ۽ سڃاڻپ آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان هڪ ڏکئي صورتحال رهي ۽ حڪومت کي ڪجهه اهم فيصلا ڪرڻا پيا، پر پاڪستان سپرليگ جا ميچز بنا ڪرڪيٽ شوقينن جي ائين محسوس ٿيندا آهن، جيئن خوشبو کانسواءِ گُل هوندو آهي. هن چيو ته ڪرڪيٽ شوقينن جي جذباتي وابستگي کي ڏسندي باقي ميچز ۾ پنهنجي جوش ۽ ولولي سان شرڪت کي ممڪن بنايو وڃي. اسٽيڊيمز کي ڀريو وڃي، ڪراچي هجي يا لاهور هجي يا پنڊي اسٽيڊيم ۾ شوقينن جي آمد سان ڪرڪيٽ جا رنگ ٻيهر ڀرجي ويندا ۽ پي ايس ايل جو اصل رنگ ٻيهر نظر ايندو.











