سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ دائمي واهن ۾ سارين جي پوک تي پابندي لاڳو

حيدرآباد- 27 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت، سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ دائمي واهن، جن ۾ گهوٽڪي فيڊر، روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال، خيرپور ايسٽ ۽ خيرپور ويسٽ جي ڪمانڊ ايرياز ۾ سارين جي پوک تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڊائريڪٽوريٽ جنرل زرعي توسيع، زراعت کاتي سنڌ جي پڌرائي مطابق ان سلسلي ۾ سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي جي سمورن آبادگارن کي هدايت ڪئي وئي آهي …

حيدرآباد- 27 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت، سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ دائمي واهن، جن ۾ گهوٽڪي فيڊر، روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال، خيرپور ايسٽ ۽ خيرپور ويسٽ جي ڪمانڊ ايرياز ۾ سارين جي پوک تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڊائريڪٽوريٽ جنرل زرعي توسيع، زراعت کاتي سنڌ جي پڌرائي مطابق ان سلسلي ۾ سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي جي سمورن آبادگارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان پابندي تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سارين جي پوک کان پاسو ڪن. حڪم نامي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آبادگارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ غيرقانوني طور تي پووکيل فصل يا پنيري کي تلف ڪيو ويندو. آبادگارن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو سارين جي جاءِ تي گهٽ پاڻي استعمل ٿيندڙ خريف جون ٻيون فصلون مثال ڪپهه، خريف جون داليون ۽ ترن (تيل دار ٻج) وغيره پوک ڪن. پاڻي بچايو، زمين بچايو ۽ سنڌ جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪريو.

مزید خبریں