ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاران جي جي جي آءِ جي ڪنٽري نمائندي سان ملاقات

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ گلوبل گرين گروٿ انسٽيٽيوٽ (جي جي جي آءِ) جي نيپال ۽ پاڪستان لاءِ ڪنٽري نمائندي لورايا لوسيوڪي سان هتي ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب لورايا لوسيوڪي، وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته جي جي جي آءِ پاڪستان کي پنهنجي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جٽادار …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ گلوبل گرين گروٿ انسٽيٽيوٽ (جي جي جي آءِ) جي نيپال ۽ پاڪستان لاءِ ڪنٽري نمائندي لورايا لوسيوڪي سان هتي ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن وزارت مان جاري بيان موجب لورايا لوسيوڪي، وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته جي جي جي آءِ پاڪستان کي پنهنجي معاشي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جٽادار رٿابندي، اداره جاتي سگهه ۽ موسمياتي فنانسنگ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اثرائتي ڍانچي جي جوڙجڪ ۾ معاونت فراهم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جي جي جي آءِ مختلف ملڪن کي جٽادار ترقي ۽ موسمياتي لچڪ جي هدفن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ م مدد فراهم ڪري رهيو آهي. ٻنهي طرفان جي جي جي آءِ تحت پاڪستان ڪنٽري پروگرام 2024ع کان 2028ع ۽ آئينده سهڪار جي مختلف شعبن ۽ امڪاني رٿائن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. انهن شعبن ۾ موسمياتي فنانس لاءِ نجي شعبي جي شموليت، زرعي ويليو چينز کي مضبوط بنائڻ، مصنوعي ذهانت تي ٻَڌل مانيٽرنگ، رپورٽنگ اينڊ ويريفڪيشن (ايم آر وي) نظام ذريعي توانائيءَ جي بچت، زرعي سيڙپڪاري ۽ مارڪيٽ ڊولپمينٽ ۽ اسٽارٽ اپس ذريعي جدت کي هٿي ڏيڻ شامل آهي. علائقي ۾ گلوبل ڪلين هائيڊروجن پروگرام تي ڳالهيون ٿيون، جيڪي هن وقت پاڪستان ۾ غور هيٺ آهن. ان منصوبي جو مقصد پاڪستان کي نيٽ زيرو هدفن طرف اڳڀرائي ۾ معاونت فراهم ڪرڻ، هائيڊروجن بابت سگهه پيدا ڪرڻ ۽ اداره جاتي تياريءَ کي بهتر بنائڻ آهي. هي پروگرام هن وقت دنيا جي 9 ملڪن ۾ فعال آهي ۽ اٽڪل 2.3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي نيڪاليءَ ۾ گهٽتائيءَ جو عالمي اثر رکي ٿو. ان موقعي تي وفاقي وزير پاڪستان سان جي جي جي آءِ جي لڳاتار سهڪار کي ساراهيندي چيو ته هر پاليسي، حڪمت عملي ۽ ترقياتي منصوبا پاڪستان جي زميني حقيقتن، قومي ترجيحن ۽ مقامي ضرورتن مطابق هئڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته اهڙا حل اختيار ڪيا وڃن جيڪي عملي ۽ قومي ترقياتي گهرجن سان هم آهنگ هجن.

مزید خبریں