حڪومت بيمارين کان بچاءُ تي ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي ۽ صحت جي شعبي کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي حڪومت علاج تي ٻَڌل نظام کان هٽي بيمارين کان بچاءُ تي ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙو اظهار هن صحت ۽ غذائيت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ …

اسلام آباد- 27 اپريل (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي ۽ صحت جي شعبي کي درپيش چئلينجز کي نظر ۾ رکندي حڪومت علاج تي ٻَڌل نظام کان هٽي بيمارين کان بچاءُ تي ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙو اظهار هن صحت ۽ غذائيت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي موجوده آبادي اٽڪل 24 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته هر سال لکين ٻارن جي صحت جي نظام تي دٻاءُ ۾ لڳاتار واڌ ٿي رهي آهي، جنهن سبب روايتي انداز ۾ صرف اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ دوائن ذريعي مسئلن جو حل ممڪن ناهي رهيو. هن چيو ته جيڪڏهن وڏي انگ ۾ ماڻهو هڪ ئي وقت بيمار ٿين ته دنيا جو ڪو به ملڪ ان بار کي برداشت نٿو ڪري سگهي، جهڙوڪ ڪووڊ 19 دوران ڏٺو ويو، جڏهن اُسرندڙ ملڪ به صحت جي نظام جي شديد دٻاءُ جو شڪار ٿي ويا. ان روشنيءَ ۾ پاڪستان جي صحت جي نظام کي ڪيئر کان هيلٿ ڪيئر يعني بيماريءَ کان پوءِ علاج جي بدران بيماريءَ کان پهرين بچاءُ طرف منتقل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو پيو وڃي. حڪومت ماهرن ۽ عالمي ڀائيوارن سان صلاح مشوري سان هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، جنهن تحت صحت جي نظام کي اسپتالن جي حدن کان ٻاهر نڪري بنيادي سطح تي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان ۾ خانداني رٿابندي، پيدائش ۾ مناسب وقفو، صاف پاڻيءَ جي فراهمي، حفاظتي ٽُڪن، متوازن غذا ۽ صحتمند طرزِ زندگي کي بنيادي ٿنڀ قرار ڏنو ويو آهي. دوائن ۽ علاج جي شعبي ۾ تحقيق کي هٿي پڻ ڏني پئي وڃي، جتي خوراڪ، غذائيت ۽ ٻوٽن مان حاصل ٿيندڙ دوائن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان مقصد لاءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ۾ هڪ خاص ڊيسڪ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو روايتي ۽ جڙين ٻُوٽين تي ٻَڌل دوائن جي سائنسي جاچ، ڪلينيڪل ٽرائلز ۽ معيار کي يقيني بنائڻ ۾ معاونت فراهم ڪندو ته جيئن صارفين ۽ صنعت ٻنهي جو اعتماد بحال ٿي سگهي. تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري سائنسدان اقبال چوڌري جي خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ کيس پاڪستان ۾ سائنسي تحقيق ۽ جدت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شخصيت قرار ڏنو ويو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان وٽ هاڻ وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ جي گنجائش ناهي ۽ ٽرائل اينڊ ايرر واري پاليسي ناقابل عمل ٿي چڪي آهي. هن زور ڀريو ته پاليسي ٺاهڻ ۾ شروعات ئي کان درست رُخ جو تعين اڻٽر آهي ته جيئن قيمتي وقت ۽ وسيلن جو زيان روڪي سگهجي. ٻئي پاسي سڄي دنيا ۾ هٿي ماڻيندڙ لائف اسٽائل ميڊيسن جي رجحان جو حوالو ڏيندي هن چيو ته خوراڪ، غذائيت ۽ روايتي طريقو علاج جهڙوڪ جڙين بوٽين، چيني ۽ يوناني طب کي جديد سائنسي بنيادن تي هٿي ڏني پئي وڃي ۽ پاڪستان به ان رُخ ۾ سنجيده قدم کڻي رهيو آهي. هن پاڪستان جي عالمي ڪردار تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته ان عرصي ۾ پاڪستان جي عالمي اهميت ۾ واڌ ٿي آهي، جنهن تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. هن قومي قيادت خاص ڪري وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته پاڪستان اڄ عالمي سطح تي هڪ نمايان مقام حاصل ڪري چڪو آهي ۽ دنيا جون نظريون ان تي کُتل آهن. سندس چوڻ هو ته عالمي ڌيان سان ذميواريون به وڌن ٿيون، تنهنڪري هي وقت صرف ڪاميابين تي خوش ٿيڻ جو ناهي پر سنجيدگي، حڪمت عملي ۽ قومي يڪجهتي سان اڳتي وڌڻ جو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان نه صرف پنهنجي داخلي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو پر عالمي سطح تي پڻ هاڪاري ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

مزید خبریں