لاڙڪاڻو/ لنڊن -27 اپريل (اي پي پي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) طرفان لنڊن ۾ هڪ اهم عالمي سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان سنڌي تنظيمن، وڏي انگ ۾ پيشيور ماڻهن، دانشورن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ عالمي سطح تي سرگرم ادارن جهڙوڪ سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ، سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان، سنڌي ايسوسيئيشن آف مسقط، برطانيه ۾ رهندڙ سنڌي …
سانا پاران لنڊن ۾ عالمي سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس منعقد، سُڄاڻ ماڻهن جي شرڪت، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر اين ڪلارڪ پاران سنڌ جي عظيم تهذيب کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
لاڙڪاڻو/ لنڊن -27 اپريل (اي پي پي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) طرفان لنڊن ۾ هڪ اهم عالمي سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان سنڌي تنظيمن، وڏي انگ ۾ پيشيور ماڻهن، دانشورن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ عالمي سطح تي سرگرم ادارن جهڙوڪ سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ، سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان، سنڌي ايسوسيئيشن آف مسقط، برطانيه ۾ رهندڙ سنڌي برادري، سنڌي ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن برطانيه ۽ سنڌ واسين جي ڀرپور شرڪت رهي،

برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر اين ڪلارڪ سانا جي ڪوششن کي ساراهيندي واديءَ سنڌ جي عظيم تهذيب کي خراج تحسين پيش ڪندي سنڌين کي هڪ امير ۽ قديم سڃاڻپ جو وارث قرار ڏنو. سنڌ مان آيل اياز لطيف پليجو زور ڀريو ته سانا کي سنڌ جي يونيورسٽين، ادارن ۽ اسپتالن جي ذميوارن سان رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ بهتري آڻي سگهجي، جڏهن ته هِن سانا جي سيڪيولر ۽ جامع سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو، ڊاڪٽر عبدالرؤف شيخ سنڌين جي تاريخي حيثيت تي روشني وجهندي چيو ته سنڌي سدائين واپار، علم، رواداري ۽ ثقافت جا علمبردار رهيا آهن ۽ جتي به ويا آهن، اتي سنڌ کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن. جڏهن ته آجياڻي واري خطاب ۾ سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد علي شيخ زور ڀريو ته هي ڪانفرنس عالمي رابطن ذريعي سنڌي سڃاڻپ کي مضبوط ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت ٻولي ۽ ثقافت کي محفوظ رکڻ جي هڪ مضبوط ۽ گڏيل ڪوشش آهي. هن چيو ته دنيا جي مختلف حصن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو رڳو جاگرافيائي حدن سان نه پر پنهنجي گڏيل ورثي، تاريخ ۽ اجتماعي ذميواري سان ڳنڍيل آهن ۽ سانا جو مقصد پيشيور ماڻهن، دانشورن، نوجوانن ۽ ڪميونٽي اڳواڻن وچ ۾ اثرائتا عالمي لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ چيو ته تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ ڊائيسپورا برادرين کي پنهنجي ثقافتي پاڙن کي برقرار رکندي مختلف معاشرن ۾ ضم ٿيڻ جو چئلينج درپيش آهي. هن زور ڏنو ته سنڌي ٻولي، روايتون ۽ ثقافتي قدر اسان جي سڃاڻپ جو بنياد آهن ۽ هي ڪانفرنس خاص طور تي نئين نسل ۾ انهن قدرن جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ هڪ سنجيده ڪوشش آهي. هن وڌيڪ چيو ته لنڊن جهڙو عالمي شهر اهڙي گڏجاڻي لاءِ بهترين جڳهه آهي، جيڪو اوسر، رابطي ۽ موقعن جي علامت آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي ڪانفرنس هڪ مضبوط، بااعتماد ۽ ثقافتي طور ڳنڍيل عالمي سنڌي برادري جي تعمير ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. سانا جي عورت نائب صدر شاهدہ شيخ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي رڳو پنهنجي رهائش جي جڳهه سان نه پر پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ورثي سان سڃاتا وڃن ٿا ۽ هن سڃاڻپ کي محفوظ رکڻ ۽ ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ڪانفرنس دوران مختلف عالمي تنظيمن ۽ برادرين جي نمائندن پنهنجا خيال پيش ڪيا. ڊاڪٽر روهت ڪمار سانا جي ڪوششن کي ساراهيو ته هن عالمي سنڌي برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ سنڌ جي بهتري لاءِ گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو،

جڏهن ته سانا جي ٽريزرر آڪاش ڪيول راماڻي، سانا آرڪ جي ذوالفقار خواجه، آرڪ ايوب مهر، ڊاڪٽر شاهه بخش لاشاري ۽ ڊاڪٽر فهد ميمڻ پيشيوراڻي سهڪار ۽ ڪميونٽي لاڳاپن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي، عباس چنا، ناجيه مير، آصف ميمڻ ۽ ساجن چنا پڻ خطاب ڪندي ثقافتي ورثي جي حفاظت، عالمي اتحاد ۽ سنڌ ڏانهن اجتماعي ذميواري جي اهميت تي روشني وڌي. ڪانفرنس دوران ريسيڪا وليم شاعري پيش ڪئي، جنهن سان محفل ۾ ادبي رنگ پيدا ٿيو. ڪانفرنس کان هڪ ڏينهن اڳ سنڌياڻي ايسوسيئيشن آف يورپ طرفان سانا جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۽ ٻين مهمانن جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن سان گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ان عزم کي ورجايو ويو ته عالمي سطح تي سنڌي برادري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو، ٻولي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون. اُن کان اڳ پروگرام جي شروعات ۾ سانا ادبي ڪاميٽي جي چيئرمين اسحاق تونيو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي پيش ڪئي، جڏهن ته آخر ۾ سنڌ جو ثقافتي گيت هو جمالو پيش ڪيو ويو جنهن تي سڀني شرڪت ڪندڙن جھمريون پاتيُون.











