ايران جو پرڏيهي وزير روس پهچي ويو، صدر ولاديمير پيوٽن سان اهم ملاقات جو امڪان

ماسڪو- 27 اپريل (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ پهچي ويو آهي جتي هو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان اهم ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب عباس عراقچي سومر تي صبح جو روس پهتو جتي هو اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. رپورٽس موجب اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ ايران مختلف …

ماسڪو- 27 اپريل (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ پهچي ويو آهي جتي هو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان اهم ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب عباس عراقچي سومر تي صبح جو روس پهتو جتي هو اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. رپورٽس موجب اها ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ ايران مختلف ملڪن سان سفارتي رابطي وڌائي رهيو آهي. ذريعن موجب ايران جو پرڏيهي وزير روس جي قيادت کي جنگ بندي جي تازي اڳڀرائي جي ڪوششن ۽ جاري ڳالهين جي حوالي سان آگاهه ڪندو.