ڪوئيٽو _ 27 اپريل (اي پي پي) ايڪواڊور جي سامونڊي ڪناري واري شهر مچالا جي علائقي ۾ هٿياربند جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪار جي روپ ۾ هڪ گهر جي ٻاهر موجود ماڻهن وٽ پهتو ۽ جعلي ڪارروائي جو بهانو ڪري اوچتو فائرنگ ڪري ڇڏي. واقعي واري هنڌ …
ايڪواڊور ۾ هٿياربند جو حملو، 5 ڄڻا مارجي ويا، ڪجهه زخمي

مزید خبریں
ڪوئيٽو _ 27 اپريل (اي پي پي) ايڪواڊور جي سامونڊي ڪناري واري شهر مچالا جي علائقي ۾ هٿياربند جي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ٻيا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪار جي روپ ۾ هڪ گهر جي ٻاهر موجود ماڻهن وٽ پهتو ۽ جعلي ڪارروائي جو بهانو ڪري اوچتو فائرنگ ڪري ڇڏي. واقعي واري هنڌ تان گولين جا اٽڪل 30 خول هٿ ڪيا ويا آهن . مارجي ويلن جي عمر 26 کان 63 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي وئي آهي جن ۾ 2 سڳا ڀائر به شامل آهن ، جڏهن ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.











