لاهور - 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي صحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، راندين کي هٿي وٺائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي، سر بلندي اسان جو مقصد آهي، حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ جامع حڪمت عملي …
نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، هر ايندڙ ڏينهن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحال جو ڏينهن هوندو: راڻا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي صحتمند سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، راندين کي هٿي وٺائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي، سر بلندي اسان جو مقصد آهي، حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول فار بوائز ۾ پهرين فيفا ارينا مني پچ جي اهم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. راڻا مشهود احمد خان چيو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ راندين جي سهولت کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن باصلاحيت رانديگرن کي اڳيان وڌڻ جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. اهڙي طرح جا منصوبا نه رڳو راندين کي هٿي وٺائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين ۾ مصروف رهڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته فيفا جو اهو منصوبو ٻن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، عالمي فٽبالر ميرا ڊونا هاڻي هتي پيدا ٿيندا، گرانس روٽ کان شروع ٿيل ان سفر کي مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جلد فيفا جي صدر سان گڏ ان منصوبي جو افتتاح ڪندو. هن چيو ته موجوده پاليسين جا هاڪاري نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد آهي، هر ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي عزت ۾ اضافي جو ڏينهن هوندو، هر ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ڏينهن هوندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان ڏينهن رات ترقي جون منزلون ماڻي رهيو آهي، سفارتي ميدان هجي يا جنگ جو ميدان، پاڪستان پنهنجي ساک مڃائي آهي. ان ڪاميابي پويان پاڪ فوج جون قربانيون جا ڊگها داستان آهن، اسان جا جوان سرحدن تي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي اسان کي سک جي ننڊ ۽ اڳيان وڌڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي حق جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو، جتي هڪ طرف بنيان مرصوص جي شاندار ڪاميابي ۽ دشمن کي عبرتناڪ شڪست کان پوءِ دنيا اسان جي طاقت کي مڃي چڪي آهي، هاڻ پاڪستان عالمي امن لاءِ علم بلند ڪيو آهي، مختلف علائقائي ۽ عالمي تڪرارن ۾ پاڪستان هميشه ڳالهين ۽ پرامن حل کي ترجيح ڏني آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي رات ڏينهن ڪوششن سان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهين جو ٻيو دور شروع ٿيڻ وارو آهي، پوري دنيا پاڪستان جي ان هاڪاري ڪردار جي تعريف ڪري رهي آهي، اڄ دنيا جون نظرون پاڪستان تي آهن.











