ڪراچي- 25 اپريل (اي پي پي) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان ورلڊ اميونائيزيشن ويڪ 24 کان 30 اپريل تائين سڄي صوبي ۾ ملهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ويڪسين بابت آگاهي وڌائڻ ۽ هر ٻار تائين حفاظتي ٽُڪن جي پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هڪ اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو …
سنڌ حڪومت طرفان ورلڊ اميونائيزيشن ويڪ 24 کان 30 اپريل تائين سڄي صوبي ۾ ملهايو پيو وڃي: صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو

مزید خبریں
ڪراچي- 25 اپريل (اي پي پي) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان ورلڊ اميونائيزيشن ويڪ 24 کان 30 اپريل تائين سڄي صوبي ۾ ملهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد ويڪسين بابت آگاهي وڌائڻ ۽ هر ٻار تائين حفاظتي ٽُڪن جي پهچ کي يقيني بڻائڻ آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هڪ اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته هر ٻار کي وقت تي ويڪسين مهيا ڪئي ويندي ته جيئن هڪ صحتمند ۽ محفوظ مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي. صوبائي سطح تي ٿيل اجلاس دوران ڊاڪٽر راج ڪمار ٻڌايو ته سنڌ ۾ ويڪسين ڪوريج ۾ لاڳيتو بهتري آئي آهي ۽ مڪمل ويڪسين ڪوريج اٽڪل 80 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته اهم ويڪسينز ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جتي پينٽا-1 جي ڪوريج 95 کان 97 سيڪڙو ۽ بي سي جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ 91 سيڪڙو جغرافيائي ڪوريج حاصل ٿي چڪي آهي، جيڪا خدمتن جي بهتر پهچ کي ظاهر ڪري ٿي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ويڪسين جي ڪري اُرڙي جي ڪيسن، وبائن ۽ فوتگين ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وڏين مهمن جهڙوڪ اُرڙي، روبيلا ۽ پوليو مهمن ذريعي لکين ٻارن تائين پهچ حاصل ڪئي وئي، جڏهن ته ايڇ پي وي مهم ذريعي 26 لک کان وڌيڪ ڇوڪرين کي ويڪسين لڳائي وئي. ڊاڪٽر سهيل رضا شيخ چيو ته سروس ڊليوري ۾ بهتري لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته صوبي جي 177 وڏين اسپتالن ۾ ڄمڻ شرط ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. نومبر 2025ع کان مارچ 2026ع تائين 151,231 ٻارن جي پيدائش رپورٽ ٿي، جن مان 82 سيڪڙو کي بي سي جي، 91 سيڪڙو کي او پي وي زيرو ۽ 84 سيڪڙو کي هيپاٽائيٽس بي ويڪسين لڳائي وئي. هن وڌيڪ چيو ته 121 اي پي آءِ سينٽرن تي شام ۽ هفتي جي موڪلن دوران به ويڪسين سروسز جاري آهن، جنهن سان هزارين ٻارن تائين پهچ ملي آهي۔ ان عرصي دوران 20,936 زيرو ڊوز ٻارن جي سڃاڻپ ڪئي وئي، جن مان 52 سيڪڙو کي ويڪسين ڏني وئي، جڏهن ته 70,506 رهجي ويل ٻارن مان 38 سيڪڙو کي ٻيهر ويڪسين ۾ شامل ڪيو ويو. عالمي هفتي دوران صوبي جي سڀني ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي اڳواڻي ۾ سرگرميون شروع ٿي ويون آهن، جن ۾ آگاهي سيمينار، واڪس، ڪميونٽي گڏجاڻيون، تعليمي سيشن، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا مهمون شامل آهن، ته جيئن والدين کي ٻارن جي وقت تي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ آگاهه ڪيو وڃي. هن اجلاس ۾ مختلف ادارن جا نمائندا به شامل هئا، جن ۾ ڊاڪٽر احسن ڀرڳري، ڊاڪٽر طارق مسعود ميمڻ، ڊاڪٽر ارسلان ميمڻ، ڊاڪٽر زيد بن عارف، ڊاڪٽر وقار سومرو ۽ يونيسيف پاران سنيل راجا سميت ٻين ڀائيوار ادارن جان نمائندا شامل هئا.











