روس، آمريڪي اينٽي سيٽلائيٽ نيوڪليئر دعويٰ کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو

ماسڪو- 25 اپريل (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا، آمريڪا طرفان روس تي اينٽي سيٽلائيٽ نيوڪليئر هٿيار تيار ڪرڻ جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي ان کي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊا مهم قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته آمريڪا جي ان دعويٰ سان حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي ۽ اصل ۾ هڪ وسيع پروپئگنڊا حڪمت عملي جو حصو آهن، جنهن جو …

ماسڪو- 25 اپريل (اي پي پي) روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا، آمريڪا طرفان روس تي اينٽي سيٽلائيٽ نيوڪليئر هٿيار تيار ڪرڻ جي الزامن کي سختي سان رد ڪندي ان کي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊا مهم قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته آمريڪا جي ان دعويٰ سان حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي ۽ اصل ۾ هڪ وسيع پروپئگنڊا حڪمت عملي جو حصو آهن، جنهن جو مقصد روس جي خلائي سرگرمين کي بدنام ڪرڻ آهي. ان جي مطابق آمريڪا انهن الزامن کي پنهنجي ان ايجنڊا جي جواز طور استعمال ڪري رهيو آهي جنهن تحت هو خلا ۾ عسڪري سرگرمين کي وڌائي رهيو آهي. ترجمان چيو ته روس مسلسل ان موقف جي حمايت ڪري ٿو ته پرڏيهي خلا ۾ هٿيارن جي ڊوڙ کي روڪيو وڃي، جڏهن ته آمريڪا طرفان اهڙا بيان ان ڪوشش کي نقصان پهچائين ٿا. هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن عالمي سطح تي خلائي سلامتي ۽ عسڪري مقابلي جي حوالي سان وڏين طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.