سکر جي عدالت نوجوان تي تيزاب هاري قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

سکر -24 اپريل (اي پي پي) سکر جي ايڊيشنل سيشن جج ون پرديپ ڪمار جي عدالت تيزاب هاري قتل ڪيل نينگر محمد عامر مگسي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار  حاجي  محمد مگسي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي آهي. واضح رهي ته سال 2022 ۾ سکر جي فريڪل هل ڪالوني لڳ سول اسپتال سکر ۾ دوستي نه رکڻ تي جوابدار حاجي محمد مگسي نينگر محمد عامر مگسي …

سکر -24 اپريل (اي پي پي) سکر جي ايڊيشنل سيشن جج ون پرديپ ڪمار جي عدالت تيزاب هاري قتل ڪيل نينگر محمد عامر مگسي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار  حاجي  محمد مگسي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي آهي. واضح رهي ته سال 2022 ۾ سکر جي فريڪل هل ڪالوني لڳ سول اسپتال سکر ۾ دوستي نه رکڻ تي جوابدار حاجي محمد مگسي نينگر محمد عامر مگسي جي گهر ۾ گهڙي مٿس تيزاب هاري قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس سي سيڪشن ٿاڻي تي فوتي نينگر جي والد رڪشا ڊرائيور محمد امين مگسي جي فرياد تي داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو.