واشنگٽن-24 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي ۾ ٽن هفتن جي واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي ۾ ٽن هفتن جي واڌ ڪئي وئي آهي. ٽروٿ سوشل تي هڪ پيغام ۾ هن جو چوڻ هو ته اها اڳڀرائي اوول آفيس ۾ اسرائيلي ۽ لبناني اختيارين وچ ۾ …
اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي ۾ ٽن هفتن جي واڌ جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن-24 اپريل (اي پي پي) اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي ۾ ٽن هفتن جي واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي ۾ ٽن هفتن جي واڌ ڪئي وئي آهي. ٽروٿ سوشل تي هڪ پيغام ۾ هن جو چوڻ هو ته اها اڳڀرائي اوول آفيس ۾ اسرائيلي ۽ لبناني اختيارين وچ ۾ ٿيل هڪ ملاقات کانپوءِ سامهون آئي آهي. ان ملاقات ۾ نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي وزير مارڪوروبيو به شريڪ هئا. پنهنجي اعلان ۾ ٽرمپ چيو ته اها ملاقات انتهائي ڪامياب رهي. هن چيو ته آمريڪا لبنان سان گڏجي ڪم ڪندو. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ان تاريخي ملاقات ۾ شريڪ ٿيڻ انهن لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن اهو به چيو ته هو مستقبل ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ۽ لبناني صدر جوزف عون جي ميزباني جو منتظر آهي.











