سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي قوم کي مبارڪون

ڪراچي-24 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 22 دهشتگردن جو مارجڻ موثر حڪمت عملي جو نتيجو آهي، قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڀارتي پٺڀرائي هيٺ بدامني پکيڙيندڙ دهشتگردن خلاف ڪارروائي تي قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز کي واڌايون ڏيان ٿو. وزيراعليٰ چيو ته دهشتگردي جي …

ڪراچي-24 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته 22 دهشتگردن جو مارجڻ موثر حڪمت عملي جو نتيجو آهي، قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڀارتي پٺڀرائي هيٺ بدامني پکيڙيندڙ دهشتگردن خلاف ڪارروائي تي قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز کي واڌايون ڏيان ٿو. وزيراعليٰ چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.