ترقي يافته معاشرن جو بنياد علم، ادب ۽ تحقيق تي ٻڌل آهي، نوجوان نسل ۾ مطالعي جو رجحان وڌائڻ وقت جي ضرورت آهي: گورنر سيد محمد نهال هاشمي

ڪراچي-23 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته نوجوان نسل ۾ مطالعي جي رجحان کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ترقي يافته معاشرن جو بنياد علم، ادب ۽ تحقيق تي رکيل هوندي آهي. اهڙن خيالن جو  اظهار هن ڪتابن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گورنر هائوس مان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪتاب علم جو سرچشمو ۽ انسان جو بهترين دوست آهي، جيڪو انسان جي …

ڪراچي-23 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو آهي ته نوجوان نسل ۾ مطالعي جي رجحان کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ترقي يافته معاشرن جو بنياد علم، ادب ۽ تحقيق تي رکيل هوندي آهي. اهڙن خيالن جو  اظهار هن ڪتابن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گورنر هائوس مان جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪتاب علم جو سرچشمو ۽ انسان جو بهترين دوست آهي، جيڪو انسان جي فڪري افق کي وسيع ڪري ٿو ۽ علم، شعور ۾ واڌارو آڻي ٿو.سيد محمد نهال هاشمي زور ڀريو ته تخليقي ڪم جي چوري جي روڪٿام ۽ ڪاپي رائيٽ قانون جو احترام هڪ مهذب معاشري جي علامت آهي. هن چيو ته تخليقڪارن جي حقن جو تحفظ سماجي ۽ ثقافتي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل دور ۾ به ڪتاب جي اهميت برقرار آهي ۽ نئين نسل کي ڪتابن سان ڳنڍڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڪتاب صرف معلومات جو ذريعو نه آهن، پر اهي فڪر، تنقيد ۽ تخليق جي راھ ۾ روشني ڏيکارين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي ٻولين، خاص ڪري سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.