مائيڪرو سافٽ پاران آسٽريليا ۾ مصنوعي ذهانت جي بنيادي ڍانچي تي 17.9 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان

سڊني-23 اپريل(اي پي پي) آمريڪي ڪمپني مائيڪرو سافٽ اعلان ڪيو آهي ته آسٽريليا ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي بنيادي ڍانچي تي ايندڙ 3 سالن ۾ رڪارڊ 17.9 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.مائيڪرو سافٽ جي سي اي او ۽ آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز سڊني ۾ 25 بلين آسٽريلوي ڊالرن (17.9 بلين آمريڪي ڊالرن) جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪندي چيو ته اهو قدم مائيڪرو سافٽ جي اي آءِ سپر …

سڊني-23 اپريل(اي پي پي) آمريڪي ڪمپني مائيڪرو سافٽ اعلان ڪيو آهي ته آسٽريليا ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي بنيادي ڍانچي تي ايندڙ 3 سالن ۾ رڪارڊ 17.9 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي.مائيڪرو سافٽ جي سي اي او ۽ آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز سڊني ۾ 25 بلين آسٽريلوي ڊالرن (17.9 بلين آمريڪي ڊالرن) جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪندي چيو ته اهو قدم مائيڪرو سافٽ جي اي آءِ سپر ڪمپيوٽنگ ۽ ڪلائوڊ انفراسٽرڪچر ۽ آسٽريليا جي سائبر دفاع کي هٿي ڏيندو. ان عزم ۾ ڊيٽا سينٽرز لاءِ فنڊنگ ۽ 30 لک آسٽريلوي ڪارڪنن لاءِ اي آءِ مهارتن جي تربيت ۽ مائيڪرو سافٽ ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ سائبر سيڪيورٽي ۽ قومي لچڪ تي وسيع سهڪار شامل آهي. هن چيو ته آسٽريليا وٽ اي آءِ کي حقيقي معاشي ترقي ۽ سماجي فائدن ۾ تبديل ڪرڻ جو وڏو موقعو آهي، اهو ئي سبب آهي ته اسان اڄ تائين جي آسٽريليا ۾ پنهنجي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. آسٽريلوي وزيراعظم چيو ته مائيڪرو سافٽ پاران اها سيڙپڪاري آسٽريليا کي اي آءِ جي معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ۽ خطرن کان بچائيندي.