ڪولمبو-23 اپريل(اي پي پي) سريلنڪا جي في ماڻهو جي آمدني پهريون ڀيرو 5 هزار آمريڪي ڊالرن کان وڌي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سريلنڪا جي مرڪزي بئنڪ سالياني رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل سال 2025ع ۾ ملڪ ۾ في ماڻهو جي آمدني پهريون ڀيرو 5003 آمريڪي ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. مرڪزي بئنڪ جي رپورٽ مطابق سريلنڪا جي معيشت ۾ سال 2025ع دوران 5 سيڪڙو اضافو ٿيو، …
سريلنڪا جي في ماڻهو جي آمدني 5 هزار آمريڪي ڊالرن کان وڌي وئي

مزید خبریں
ڪولمبو-23 اپريل(اي پي پي) سريلنڪا جي في ماڻهو جي آمدني پهريون ڀيرو 5 هزار آمريڪي ڊالرن کان وڌي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سريلنڪا جي مرڪزي بئنڪ سالياني رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل سال 2025ع ۾ ملڪ ۾ في ماڻهو جي آمدني پهريون ڀيرو 5003 آمريڪي ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. مرڪزي بئنڪ جي رپورٽ مطابق سريلنڪا جي معيشت ۾ سال 2025ع دوران 5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪا سالن جي ڀيٽ ۾ هڪ نمايان بهتري آهي. مرڪزي بئنڪ جي انگن اکرن مطابق سريلنڪا جي مجموعي گهرو پيداوار 2025ع ۾ وڌي 32.75 ٽرلين روپيا (اٽڪل 105 بلين آمريڪي ڊالرز) ٿي وئي، جيڪا 2024ع ۾ 30.1 ٽرلين روپيا هئي. ان کان علاوه حڪومت جي آمدني وڌي جي ڊي پي جي 16.7 سيڪڙو تائين پهچي وئي.











