ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي وچ ۾ سي ايم هائوس ڪراچي ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي کان روهڙي ۽ ڪراچي کان جيڪب آباد تائين (ڪوٽڙي، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ رستي) ٽرين سروس بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبي ۾ ريلوي نظام جي بحالي، شهري ٽرانسپورٽ جي بهتري …
سنڌ جي وڏي وزير ۽ ريلوي واري وفاقي وزير ۾ اهم اجلاس منعقد، ڪراچي کان روهڙي ۽ ڪراچي کان جيڪب آباد تائين (ڪوٽڙي، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ رستي) ٽرين سروس بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق، صوبي ۾ ريلوي نظام جي بحالي، شهري ٽرانسپورٽ جي بهتري ۽ ماحولياتي پائيداري بابت اهم فيصلا ڪيا ويا

مزید خبریں
ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي وچ ۾ سي ايم هائوس ڪراچي ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي کان روهڙي ۽ ڪراچي کان جيڪب آباد تائين (ڪوٽڙي، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ رستي) ٽرين سروس بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبي ۾ ريلوي نظام جي بحالي، شهري ٽرانسپورٽ جي بهتري ۽ ماحولياتي پائيداري بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس دوران خاص طور ڪراچي ۾ ٽرين سروسز جي بحالي، ڪراچي سرڪلر ريلوي جي ٻيهر شروعات، پراڻين ريلوي پٽڙين جي مرمت ۽ نون روٽن تي ٽرين سروسز هلائڻ تي تفصيلي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته شهر اندر ريلوي نظام شهرين لاءِ سستو، محفوظ ۽ ماحول دوست سفر جو مؤثر ذريعو بڻجي سگهي ٿو، جيڪو وڌندڙ ٽريفڪ دٻاءَ کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٽرانسپورٽ وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي شهر لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، جنهن جي بحالي سان بي آر ٽي سسٽمز ان جي فيڊر طور ڪم ڪندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽرانسپورٽ کاتو ڪي سي آر لاءِ جامع ميگا پروجيڪٽ تيار ڪري نجي شعبي جي سهڪار سان ان تي عملدرآمد ڪندو. وڏي وزير زور ڀريو ته ڪراچي کي فوري طور جديد ماس ٽرانزٽ سسٽم جي ضرورت آهي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي گڏيل فريم ورڪ ذريعي انفراسٽرڪچر جي بحالي، بهتر شيڊولنگ ۽ باقاعده آپريشن کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي وفاقي وزير حنيف عباسي پاڪستان ريلوي پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته گڏيل ڪوششن سان ريلوي نظام کي جديد ۽ قابل اعتماد بڻايو ويندو. اجلاس ۾ ڪراچي کان روهڙي ۽ ڪراچي کان جيڪب آباد تائين (ڪوٽڙي، دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ رستي) ٽرين سروس بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، جنهن سان اندروني سنڌ جي علائقن کي وڏي سهولت ملندي۔ان کان علاوه ڪراچي ڪينٽ کان جمعي ڳوٺ تائين ريلوي ڪوريڊورز سان گڏ گرين بيلٽس ۽ وڻڪاري منصوبو شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو ويو، جنهن سان شهر جي ماحول ۾ بهتري، تجاوزات جي روڪٿام ۽ شهري خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو. وڏي وزير چيو ته ريلوي لائينز سان گڏ گرين ڪوريڊورز جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي. اجلاس ۾ ريلوي جي زمينن تي قائم حد دخلين کي وڏو مسئلو قرار ڏيندي انهن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪارروائي تي زور ڏنو ويو. وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پاڪستان ريلوي سان مڪمل تعاون ڪندي زمين خالي ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، جڏهن ته وفاقي وزير پڻ ريلوي زمين کي قومي اثاثو قرار ڏيندي ان جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.ان موقعي تي ريلوي ليول ڪراسنگز جي مرمت ۽ اپ گريڊيشن، مالي بقاياجات جي ادائيگي ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ بابت به اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ رابطاڪاري جي نظام کي مضبوط ڪرڻ، انفراسٽرڪچر ۾ بهتري ۽ ريگيوليٽري عملدرآمد تيز ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو۔اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ۽ پاڪستان ريلوي جي اعليٰ اختيارين سميت لاڳاپيل عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.











