ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ان لاءِ اجتماعي قدم کڻڻ ضروري آهن. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جهڙا مسئلا نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن. ڌرتي جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل …
ماحولياتي تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ان لاءِ اجتماعي قدم کڻڻ ضروري آهن: شرجيل ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ۽ ان لاءِ اجتماعي قدم کڻڻ ضروري آهن. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جهڙا مسئلا نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن. ڌرتي جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ماحول جي تحفظ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهي آهي. ماحول جي تحفظ لاءِ عوام جو سھڪار ۽ ڪردار اڻٽر آهي. هن چيو ته عوام کي وڻ لڳائڻ، پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچڻ ۽ صفائي جو خاص خيال رکڻ جهڙن قدمن کي پنهنجي روزاني زندگي جو حصو بڻائڻ گهرجي. سنڌ حڪومت هڪ صاف، سرسبز ۽ جٽادار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.











