گڏيل قومن پاران آمريڪا- ايران جنگبندي ۾ واڌ جي آجيان، پاڪستان جي ڪردار جي تعريف

گڏيل قومون-22 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ جي آجيان ڪندي ان کي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف اهم قدم قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بيان ۾ چيو ته اها اڳڀرائي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتڪاري ۽ اعتماد سازيءَ لاءِ اهم موقعا فراهم ڪري ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گڏيل قومون …

گڏيل قومون-22 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ جي آجيان ڪندي ان کي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف اهم قدم قرار ڏنو آهي. گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ بيان ۾ چيو ته اها اڳڀرائي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتڪاري ۽ اعتماد سازيءَ لاءِ اهم موقعا فراهم ڪري ٿي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گڏيل قومون ان ڳالهه جي حوصله افزائي ڪري ٿي ته سموريون ڌُريون جنگبنديءَ کي متاثر ڪرڻ وارن قدمن کان پاسو ڪن ۽ جٽادار حل لاءِ تعميري ڳالهيون جاري رکن. رپورٽ موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آمريڪا ۽ـ ايران وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاريءَ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. اها اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي جڏهن آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبنديءَ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ته جيئن ايران کي هڪ گڏيل تجويز تيار ڪرڻ جو وقت ملي سگهي. رپورٽ موجب جنگبندي جي شروعاتي مدت اربع (گذريل ڏينهن) ختم ٿيڻي هئي، جڏهن ته ڌُرين وچ ۾ ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ ان ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.