ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته ڪمپلينٽ مينيجمينٽ سسٽم کانپوءِ صوبائي محتسب سنڌ جي نظام ۾ واضح ۽ مثبت تبديلي آئي آهي، تنهنڪري عوام جي اعتماد ۽ اطمينان لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائين. اھڙو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ اندرون سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽرن جي ماهوار ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو …
ڪمپلينٽ مينيجمينٽ سسٽم کانپوءِ صوبائي محتسب سنڌ جي نظام ۾ واضح ۽ مثبت تبديلي آئي آهي: صوبائي محتسب سنڌ

مزید خبریں
ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت چيو آهي ته ڪمپلينٽ مينيجمينٽ سسٽم کانپوءِ صوبائي محتسب سنڌ جي نظام ۾ واضح ۽ مثبت تبديلي آئي آهي، تنهنڪري عوام جي اعتماد ۽ اطمينان لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائين. اھڙو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ اندرون سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽرن جي ماهوار ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي محتسب سنڌ محمد سهيل راجپوت ريجنل ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته عوامي شڪايتون 60 ڏينهن جي مدي اندر حل ڪيون وڃن. هنن ريجنل آفيسن کي کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ ۽ عام عوام جي فائدي سان لاڳاپيل مسئلن کي پاڻمرادو نوٽيس ذريعي حل ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون. اجلاس ۾ سيڪريٽري سيد جنيد احمد، ڊائريڪٽر جنرل نسيم الدين ميراڻي، رجسٽرار مسعود عشرت، صلاحڪارن ۽ اندرون سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽرن آن لائين زوم ذريعي شرڪت ڪئي.











