لاڙڪاڻو - 22 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس سول لائن ٿاڻي جي حد گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي شاهراهه فيصل واري علائقي مان اغوا ٿيل ٻه مغوي بازياب ڪرائي ورتا آهن، ڪاروائي دوران ڪراچي جي ٿاڻي کوکرا پار جو اشتهاري جوابدار ضياءُالرحمان کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. بازياب ٿيلن ۾ ننڍي ڄمار جو ٻار اذان ۽ 40 سالن جو اشفاق احمد شامل آهن. …
لاڙڪاڻو پوليس پاران گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي، ڪراچي جي شاهراهه فيصل واري علائقي مان اغوا ٿيل ٻه مغوي بازياب

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 22 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس سول لائن ٿاڻي جي حد گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي شاهراهه فيصل واري علائقي مان اغوا ٿيل ٻه مغوي بازياب ڪرائي ورتا آهن، ڪاروائي دوران ڪراچي جي ٿاڻي کوکرا پار جو اشتهاري جوابدار ضياءُالرحمان کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. بازياب ٿيلن ۾ ننڍي ڄمار جو ٻار اذان ۽ 40 سالن جو اشفاق احمد شامل آهن. ٻنهي جي اغوا جو ڪيس ڪراچي جي ٿاڻي شاهراهه فيصل تي داخل ٿيل آهي.لاڙڪاڻو پوليس بازياب ٿيل ٻنهي مغوين ۽ گرفتار اشتهاري جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ ڪراچي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري ڪامياب ڪاروائي تي لاڳاپيل پوليس ٽيم لاءِ تعريفي سندن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.











