گڏيل قومن ۾ نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جو عمل تيز، اميدوارن سان اهم ڳالهيون شروع

 گڏيل قومون _ 22 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ لاءِ اميدوارن سان ٻن ڏينهن جي انٽر ايڪٽو ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڳالهين جي شروعات چلي جي اڳوڻي صدر سان ملاقات سان ڪئي وئي، جيڪو ان اهم عهدي جو اهم اميدوارن ۾ شامل آهي. جنرل اسيمبلي جي صدر اينالينا بائر بوڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل جي چونڊ …

 گڏيل قومون _ 22 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي نئين سيڪريٽري جنرل جي چونڊ لاءِ اميدوارن سان ٻن ڏينهن جي انٽر ايڪٽو ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڳالهين جي شروعات چلي جي اڳوڻي صدر سان ملاقات سان ڪئي وئي، جيڪو ان اهم عهدي جو اهم اميدوارن ۾ شامل آهي. جنرل اسيمبلي جي صدر اينالينا بائر بوڪ چيو ته سيڪريٽري جنرل جي چونڊ نه رڳو گڏيل قومون پر سڄي دنيا تي اثر انداز ٿيندي آهي ۽ ان سان عالمي اداري جو ايندڙ اجلاس رکيو ويندو.هن زور ڀريو ته ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جن ۾ جيو پوليٽيڪل تبديليون، وڌندڙ تڪرار، موسمياتي بحران، تيز رفتار ٽيڪنالاجي ۽ عالمي طور اڻبرابري شامل آهن. ان لاءِ عالمي تعاون اڻ ٽر ٿي چڪو آهي. رپورٽ مطابق ان عهدي لاءِ چار اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. موجوده سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جنوري 2017 ع کان پنهنجي عهدي تي مقرر آهي.