لاڙڪاڻو-21 اپريل (اي پي پي) انٽرميڊيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاڙڪاڻو جي نگرانيءَ ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساليانا امتحان جاري آهن. ٻئي ڏينهن تي باٽني ۽ فزڪس جا پيپر ورتا ويا. ان سلسلي ۾ امتحانن دوران بورڊ آف انٽرميڊيٽ ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين خالد حسين مهر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو شهر جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو ويو، جن ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج …
انٽرميڊيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاڙڪاڻو جي نگرانيءَ ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساليانا امتحان جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-21 اپريل (اي پي پي) انٽرميڊيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاڙڪاڻو جي نگرانيءَ ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساليانا امتحان جاري آهن. ٻئي ڏينهن تي باٽني ۽ فزڪس جا پيپر ورتا ويا. ان سلسلي ۾ امتحانن دوران بورڊ آف انٽرميڊيٽ ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جي چيئرمين خالد حسين مهر ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو شهر جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو ويو، جن ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ٻيا سينٽر شامل ھئا. ھنن امتحاني عمل جو جائزو ورتو. انهن لاڙڪاڻو بورڊ ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي امتحانن بابت هدايتون جاري ڪيون. دوري دوران چيئرمين بورڊ لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر مرڪز انتظاميا کي سخت هدايتون ڏنيون ته ڪاپي روڪڻ لاءِ مناسب بندوبست ڪن، ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين بورڊ خالد حسين مهر چيو ته ايڇ ايس سي پارٽ-1 ۽ پارٽ-2 جي امتحانن لاءِ 135 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 119 مرڪز لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ 16 مرڪز دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته نقل روڪڻ لاءِ جمعي تي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ اجلاس ٿيو ھو، جنهن ۾ سخت هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ ان ۾ انتظاميه پڻ موجود هئي. ان کان علاوه اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ روينيو آفيسر پڻ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مرڪزن جو معائنو ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته امتحانن لاءِ 40 نگراني ٽيمون ٺاهيون ويون آهن، جن مان 15 بورڊ ۽ 25 تعليم کاتي جون آهن، جيڪي ڪاپي روڪڻ لاءِ مرڪزن جو دورو ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن ڪو نگران يا مرڪز سپرنٽينڊنٽ ڪاپي ۾ سهولت ڏيندي ملوث مليو ته ان جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ کيس نااهل قرار ڏئي مڪمل قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو ته انتظاميه صاف ۽ شفاف امتحان ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ ڪجهه سڌارا آندا ويا آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻو ضلعي جي 40 امتحاني مرڪزن ۾ انتظاميه ۽ تعليمي بورڊ جي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي. هن والدين کي اپيل ڪئي ته پڪ ڪن ته سندن ٻار موبائيل فون جهڙن اليڪٽرانڪ اوزارن کان سواءِ مڪمل تياري سان امتحاني مرڪزن تي اچن. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد وٽ موبائيل فون مليو ته کيس ٽي سال لاءِ نااهل ڪيو ويندو. هن زور ڏنو ته شاگردن لاءِ بهتر آهي ته تياري ۽ محنت سان مرڪزن تي اچن. اڄ ٻيو ڏينهن آهي، شاگردن کي خبردار ڪيو ويو آهي، ڪاپي ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن ڪو استاد نقل ۾ ملوث مليو ته ان جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي.











