آمريڪا جي پورهئي واري وزير بدانتظامي جو اسڪينڊل سامهون اچڻ تي استعيفي ڏئي ڇڏي

واشنگٽن -21 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي پورهئي واري وزير مبينه طورتي پنهنجي سيڪيورٽي عملي جي هڪ ميمبر سان ناجائز لاڳاپا رکڻ ۽ مالي بي ضابطگي جو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سندس خلاف الزامن جي جاچ ڪيترائ مهينا جاري هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ليبر سيڪريٽري لوري شاويز ڊي ريمر ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته عهدو ڇڏڻ جو مطلب اهو ناهي ته هو آمريڪي …

واشنگٽن -21 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي پورهئي واري وزير مبينه طورتي پنهنجي سيڪيورٽي عملي جي هڪ ميمبر سان ناجائز لاڳاپا رکڻ ۽ مالي بي ضابطگي جو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سندس خلاف الزامن جي جاچ ڪيترائ مهينا جاري هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ليبر سيڪريٽري لوري شاويز ڊي ريمر ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته عهدو ڇڏڻ جو مطلب اهو ناهي ته هو آمريڪي ڪارڪنن لاءِ وڙهڻ ڇڏي ڏيندي، هوءَ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻي انتظاميه کان ڌار ٿيندڙ ٽين شخصيت آهي. وائٽ هائوس جي  ڪميونيڪشن ڊائريڪٽر اسٽيون چيونگ ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو  آهي ته ليبر سيڪريٽري لوري شاويز ڊي ريمر انتظاميه کي ڇڏي ڪري خانگي شعبي ۾ ڪم ڪندي. اسٽيون چيونگ چيو ته نائب وزير ڪيٿ سونڊرلنگ وقتي سيڪريٽري ليبر جون ذميواريون سنڀاليندو. سندس خلاف اها دعوى به شامل آهي ته شاويز ڊي ريمر جا پنهنجي سيڪيورٽي ٽيم جي هڪ ميمبر سان افيئر هو ۽ هن ذاتي دورن لاءِ کاتي جي وسيلن جو استعمال ڪيو.