بيجنگ-21 اپريل (اي پي پي)چين جي فوجي معاملن واري وزارت جي اڳوڻي اڳواڻ ٻڌايو آهي ته عوامي رضاڪارن جي 12 فوجين جي باقيات اڄ اربع ڏينهن جهموريه ڪوريا (آراو ڪي ) کان چين واپس آندي ويندي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهي فوجي 1950ع کان 1953 ع دوران ڪوريا ۾ آمريڪي جارحيت خلاف جنگ ۾ مارجي ويا هئا . ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل حوالگي جي معاهدي بعد ان نوعيت جي اها …
چين جي 12 فوجين جي باقيات اڄ جهموريه ڪوريا کان چين واپس آندي ويندي: فوجي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
بيجنگ-21 اپريل (اي پي پي)چين جي فوجي معاملن واري وزارت جي اڳوڻي اڳواڻ ٻڌايو آهي ته عوامي رضاڪارن جي 12 فوجين جي باقيات اڄ اربع ڏينهن جهموريه ڪوريا (آراو ڪي ) کان چين واپس آندي ويندي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اهي فوجي 1950ع کان 1953 ع دوران ڪوريا ۾ آمريڪي جارحيت خلاف جنگ ۾ مارجي ويا هئا . ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل حوالگي جي معاهدي بعد ان نوعيت جي اها 13 هين واپسي هوندي . وزارت مطابق 2014 ع کان هيستائين 1،011 فوجين جي باقيات جهموريه ڪوريا کان چين واپس آندي وئي آهي.











